ڪراچي-02 جولاءِ (اي پي پي) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڏ تي 5 جولاءِ 1977ع تي آمراڻي قدم ۽ شهيد ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف 5 جولاءِ آچر تي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڪاري ڏينهن طور ريليون ڪڍيون وينديون، جڏهن ته پارٽي جي آفيسن تي ڪارا جهنڊا پڻ لڳايا ويندا.هن پارٽي جي سمورين ضلعي تنظيمن …
پ پ جي سڏ تي شهيد ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف آچر تي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي: نثار کهڙو

مزید خبریں
ڪراچي-02 جولاءِ (اي پي پي) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڏ تي 5 جولاءِ 1977ع تي آمراڻي قدم ۽ شهيد ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف 5 جولاءِ آچر تي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڪاري ڏينهن طور ريليون ڪڍيون وينديون، جڏهن ته پارٽي جي آفيسن تي ڪارا جهنڊا پڻ لڳايا ويندا.هن پارٽي جي سمورين ضلعي تنظيمن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ 5 جولاءِ جي حوالي سان ريليون ۽ احتجاجي تقريبون ڪوٺايون وڃن. نثار کهڙو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل جمهوريت جي تسلسل، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آئين تي مڪمل عملدرآمد ۾ آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم ذريعي 58(2)(بي) جي شق ختم ڪري جمهوري حڪومتن کي برطرف ڪرڻ جو رستو هميشه لاءِ بند ڪيو ويو، جڏهن ته آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ، 18هين ترميم آڻڻ ۽ 58(2)(بي) ختم ڪرڻ جو ڪريڊٽ پارليامينٽ ۽ آصف علي زرداري کي وڃي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم تحت آئين ٽوڙيندڙن کي آرٽيڪل 6 جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ماضي ۾ رات جي اونداهي ۾ جمهوري حڪومتون ختم ڪري آمريت لاڳو ڪئي ويندي هئي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سڀئي ادارا پنهنجي پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪندا ته ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.










