آءِ ورڪ فار سنڌ، نوجوانن ۽ روزگار فراهم ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ ڪامياب ڊجيٽل پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-02 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو  آهي ته "آءِ ورڪ فار سنڌ" نوجوانن ۽ روزگار فراهم ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ ڪامياب ڊجيٽل پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته هينئر تائين پورٽل تي 48 لک کان وڌيڪ وزٽ ٿي چڪا آهن، 1 لک 13 هزار اميدوار رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن، جڏهن ته 670 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن. اهڙو اظهار هن اطلاعات کاتي جي هڪ اهم اجلاس  جي صدارت دوران …

ڪراچي-02 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو  آهي ته "آءِ ورڪ فار سنڌ” نوجوانن ۽ روزگار فراهم ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ ڪامياب ڊجيٽل پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته هينئر تائين پورٽل تي 48 لک کان وڌيڪ وزٽ ٿي چڪا آهن، 1 لک 13 هزار اميدوار رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن، جڏهن ته 670 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن. اهڙو اظهار هن اطلاعات کاتي جي هڪ اهم اجلاس  جي صدارت دوران ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت  سنڌ ۾  روزگار فراهمي واري پائلٽ منصوبي "آئي ورڪ فار سنڌ” کي باقاعده سرڪاري پروگرام بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ پليٽ فارم کي وڌيڪ جديد، مربوط ۽ اثرائتي نموني هلائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو.هن اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت  پورٽل تي 11 هزار 100 ملازمتون فعال آهن، مجموعي طور 20 هزار 800 نوڪريون پوسٽ ٿي چڪيون آهن ۽ 4 لک 19 هزار کان وڌيڪ درخواستون جمع ٿيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پورٽل تي خودڪار سي وي ٺاهڻ جي سهولت موجود آهي، جڏهن ته "لرن اينڊ ارن” فيچر پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جلد ئي صنعتي ماهرن جي طرفان لائيو ڪيريئر ڪائونسلنگ جي سهولت به متعارف ڪرائي ويندي، جنهن ذريعي نوجوانن کي سڌي سنئين ڪيريئر رهنمائي فراهم ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته "آءِ ورڪ فار سنڌ” کي باقاعده سرڪاري پروگرام بڻائڻ جو مقصد صوبي جي سڀني نوجوانن کي روزگار جي موقعن تائين آسان ۽ مؤثر رسائي فراهم ڪرڻ آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته پروگرام جي ڪاميابي لاءِ گڏيل تعاون ۽ مربوط انداز ۾ ڪم ڪيو وڃي.اجلاس ۾ حڪومت سنڌ جي منصوبن جي جديد ڊجيٽل تشهير، اخبارن ۽ ميڊيا هائوسز سان لاڳاپيل معاملن، اظهارِ راءِ جي آزادي، ۽ اطلاعات جي بروقت، شفاف ۽ مؤثر ترسيل بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته ميڊيا سان لاڳاپيل سڀ جائز معاملا قانون ۽ ضابطن موجب بروقت حل ڪيا وڃن ۽ صحافتي ادارن سان مثبت ۽ پيشيوراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي.اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊي جي پبلڪ رليشنز ، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سارنگ لطيف چانڊيو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اطلاعات کاتي جي فلمي منصوبن، ڊسٽريبيوشن، نمائش ۽ ٻين انتظامي معاملن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو.