لاڙڪاڻو- 02 جولاءِ(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي بلوچستان واسي ٻن عورت منشيات فروشن سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري 12 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار منشيات اُڇلي فرار ٿي ويو. لاڙڪاڻو پوليس وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان منشيات سپلاءِ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پُوليس نيو بس ٽرمينل واري علائقي ۾ ڪوئيٽا کان ايندڙ مسافر ڪوچ تي ڇاپو هڻي بلوچستان …
لاڙڪاڻو پوليس جي وڏي ڪارروائي، بلوچستان واسي ٻن عورت منشيات فروشن سميت 03 جوابدار گرفتار، 12 ڪلو چرس هٿ، هڪ جوابدار منشيات اُڇلي فرار
لاڙڪاڻو- 02 جولاءِ(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي بلوچستان واسي ٻن عورت منشيات فروشن سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري 12 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار منشيات اُڇلي فرار ٿي ويو. لاڙڪاڻو پوليس وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان منشيات سپلاءِ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پُوليس نيو بس ٽرمينل واري علائقي ۾ ڪوئيٽا کان ايندڙ مسافر ڪوچ تي ڇاپو هڻي بلوچستان صوبي جي شهر ڪوئيٽا سان تعلق افغان عورت عقيلا زال محمد عمر، لائبه ڌيءُ ولي محمد بروهي ۽ محمد حيات ولد عبدالحميد بروهي کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي، گرفتار ٿيل جوابدارن جو تعلق بين الصوبائي منشيات فروش گينگ سان آهي، جيڪي ان کان اڳ بلوچستان ۾ پُڻ منشيات فروشي جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ جوابدار ڪوئيٽا جي ڊرگ ڊيلرن رحمت بروهي ۽ امداد بروهي لاءِ منشيات جي سپلاءِ جو ڪم ڪندا هئا جڏهن ته سندس هڪ ساٿي ياسين جتوئي منشيات اُڇلي فرار ٿي ويو، پوليس گرفتار ۽ فرار ٿيل منشيات فروشن خلاف وليد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري گرفتار جوابدارن کان ٻين ساٿين، خريدارن ۽ ڊرگ ڊيلرن بابت جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻو جي ايس ايس پي احمد چوڌري ڊي ايس پي صدر/سول لائينز سعد جبار ۽ وليد ٿاڻو جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر ارشد محمود ملڪ کي شاباش ڏيندي جاچ جو دائرو وڌيڪ تيز ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن.











