نيويارڪ-02 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل عرب امارات دهشتگرد تنظيمن ۽ انتها پسند گروپن طرفان مصنوعي ذهانت (اي آءِ ) ۽ نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي غلط استعمال جي روڪ ٿام لاءِ عالمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي سائبر سيڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر محمد الڪويتي گڏيل قومن جي دهشتگردي جي روڪ ٿام …
گڏيل عرب امارات پاران دهشتگرد تنظيمن جي (اي آءِ) ۽ نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي غلط استعمال جي روڪ ٿام لاءِ عالمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
نيويارڪ-02 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل عرب امارات دهشتگرد تنظيمن ۽ انتها پسند گروپن طرفان مصنوعي ذهانت (اي آءِ ) ۽ نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي غلط استعمال جي روڪ ٿام لاءِ عالمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي سائبر سيڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر محمد الڪويتي گڏيل قومن جي دهشتگردي جي روڪ ٿام جي چوٿين هفتي 26 جون کان 2 جولاءِ ) دوران منعقد اعليٰ سطحي دهشتگردي جي روڪ ٿام واري ڪانفرنس دوران چئي. يو اي اي جي سائبر سيڪيورٽي بابت حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر محمد الڪويتي ڪانفرنس جي چوٿين سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ سائبر اسپيس ۾ تيز رفتار ترقي حڪومتن کي خطرن جي نشاندهي ، اهم ٺڪاڻن جي تحفظ ۽ معاشري جي سلامتي بهتر بڻائڻ جا جديد ذريعا فراهم ڪيا آهن . هن هڪ محفوظ ۽ اعتماد جوڳي سائبر اسپيس جي قيام تي زور ڏنو جيڪو عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ جي ڪوششن ۾ سهڪاري ثابت ٿيو. هن خبردار ڪيو ته دهشتگرد ۽ انتها پسند گروپ انهي ٽيڪنالاجي کي وڏي پيماني تي پروپيگنڊا ڦهلائڻ ، ماڻهن جي ڀرتي ۽ انتهاپسندي طرف مائل ڪندا آهن. گهمراڪن مصنوعي ميڊيا تيار ڪرڻ ۽ سرحد پار ڪارروائيون ڪري نگراني کان بچڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن . ان لاءِ ان ٽيڪنالاجيز جي محفوظ، ذميواراڻي ۽ استعمال جوڳي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي سهڪار اڻٽر آهي . هن چيو ته محفوظ سائبر اسپيس لاءِ مضبوط قومي ادارن جي جوڙجڪ ضروري آهي جيڪا ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي سان هڪجهڙائي رکي سگهي . هن چيو ته صرف جديد ٽيڪنالاجي ڪافي ناهي پر ان سان گڏ مضبوط ادارا ، تربيت يافت اوسر واري سگهه، محفوظ ڊيٽا ، موثر طريقڪار ، مضبوط سائبر انفراسٽرڪچر ۽ مربوط اداراجاتي نطام به لازم آهي ته جيئن اڀرندڙ خطرن جو وقت تي مقابلو ڪري سگهجي. هن چيو ته سائبر خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار صلاحيت سازي بنيادي ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿي . گڏيل عرب امارات هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو عالمي شراڪتدارن سان گڏجي ڪري محفوظ ، قابل اعتماد ۽ مضبوط ڊجيٽل ماحول جي قيام ۽ مصنوعي ذهانت ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏيندو رهندو ته جيئن دهشتگردي خلاف عالمي ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ استحڪام کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي .











