قازقستان ۾ پارلياماني چونڊون 23 آگسٽ تي ٿينديون

آستانا-02 جولاءِ (اي پي پي) قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقائف صدارتي فرمان ذريعي اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي نئين قائم ٿيندڙ هڪ پارلياماني ايوان ” قورولتائي “ جون چونڊون هلندڙ سال 23 آگسٽ  تي منعقد ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق  صدارتي پريس سروس طرفان گذريل ڏينهن جاري فرمان ۾ چيو ويو آهي ته قازقستان جي قورولتائي جي ميمبرن جي چونڊ 23 آگسٽ تي ڪرائي ويندي . فرمان ۾ چيو …

آستانا-02 جولاءِ (اي پي پي) قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقائف صدارتي فرمان ذريعي اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي نئين قائم ٿيندڙ هڪ پارلياماني ايوان ” قورولتائي “ جون چونڊون هلندڙ سال 23 آگسٽ  تي منعقد ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق  صدارتي پريس سروس طرفان گذريل ڏينهن جاري فرمان ۾ چيو ويو آهي ته قازقستان جي قورولتائي جي ميمبرن جي چونڊ 23 آگسٽ تي ڪرائي ويندي . فرمان ۾ چيو ويو آهي ته قازقستان جي مرڪزي اليڪشن ڪميشن کي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۽ نگراني جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته حڪومت ۽ علائقائي اختيارين کي چونڊ  عمل لاءِ سمورا ضروري انتظام ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اهو فرمان جاري ٿيندي ئي لاڳو ٿي ويو آهي. نئين پارليامينٽ پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيل نئين آئين تحت قائم ڪئي وئي آهي . ان آئين ذريعي قازقستان جي ٻن اڳوڻن پارلياماني نظامن کي  ختم ڪري 145 سيٽن تي ٻڌل هڪ پارلياماني ايوان جوڙيو ويو آهي  جن جي ميمبرن جي رڪنيت جو مدو پنج سال هوندو. نئين چونڊ نظام تحت سمورن ميمبرن جي چونڊ سياسي پارٽين جي پارٽي لسٽن ذريعي ڪئي ويندي جڏهن ته اڳوڻي نظام ۾ پارٽين جي لسٽ سان گڏوگڏ انفرادي تڪن (سنگل مينڊيٽ ) تان به نمائندا سليڪٽ ٿيندا هئا ، نئين آئين مطابق چونڊن جي نتيجن جي اعلان بعد 30 ڏينهن اندر قورولتائي جو پهريون اجلاس منعقد ڪرڻ لازمي آهي. پارليامينٽ جي جوڙجڪ بعد ملڪ ۾ نائب صدر جي مقرري به ممڪن ٿيندي، جنهن لاءِ صدر طرفان نامزد ڪيل شخصيت جي منظوري پارليامينٽ ڏيندي. ان کان علاوه نئين آئين تحت، نئين چونڊيل پارليامينٽ جي سامهون موجوده حڪومت برطرف ٿيندي، جنهن بعد پارليامينٽ جي ميمبرن سان  مشوري ذريعي نئين وزيراعظم جي مقرري ڪئي ويندي.

مزید خبریں