ڄامشورو-02 جولاءِ (اي پي پي)شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس پروگرام جي پهرئين ۽ ٻئي مرحلي ۾ مقرر ڪيل 100 سيڪڙو هدف ڪاميابي سان مڪمل ڪري هڪ ٻيو اهم سنگِ ميل عبور ڪري ورتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽي کي پروگرام جي ٽئين مرحلي لاءِ وڌيڪ 500 شاگردن جون سيٽون مليون آهن.نئين مرحلي تحت سيبس يونيورسٽي جا شاگرد عالمي سطح …
سيبس يونيورسٽي ڄامشورو گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس پروگرام ۾ 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو، ٽئين مرحلي لاءِ وڌيڪ 500 سيٽون حاصل

مزید خبریں
ڄامشورو-02 جولاءِ (اي پي پي)شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس پروگرام جي پهرئين ۽ ٻئي مرحلي ۾ مقرر ڪيل 100 سيڪڙو هدف ڪاميابي سان مڪمل ڪري هڪ ٻيو اهم سنگِ ميل عبور ڪري ورتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽي کي پروگرام جي ٽئين مرحلي لاءِ وڌيڪ 500 شاگردن جون سيٽون مليون آهن.نئين مرحلي تحت سيبس يونيورسٽي جا شاگرد عالمي سطح تي تسليم ٿيل گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس حاصل ڪندا، جن ۾ مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، آئي ٽي آٽوميشن، ڊيٽا اينالائيٽڪس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ اينڊ اِي ڪامرس، ۽ پائٿن/جاوا ڊولپمينٽ جهڙا جديد ۽ گهڻي طلب وارا شعبا شامل آهن.ان کان اڳ يونيورسٽي کي پهرئين مرحلي ۾ 150 ۽ ٻئي مرحلي ۾ 300 شاگردن جون سيٽون مليون هيون. ٻنهي مرحلن ۾ مقرر ڪيل هدف مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سيبس يونيورسٽي مان مجموعي طور 450 شاگرد مختلف خصوصي شعبن ۾ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس حاصل ڪري چڪا آهن، جنهن سان سندن پيشيوراڻين صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ڊجيٽل معيشت ۾ روزگار جا موقعا پڻ بهتر ٿيا آهن. گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽس پروگرام سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان جي گڏيل سهڪار سان شروع ڪيل هڪ اهم شروعات آهي، جنهن جو مقصد شاگردن کي عالمي معيار جي ڊجيٽل مهارت ۽ ڪيريئر تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ آهي، جيئن هو جديد روزگار جي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پاڻ کي تيار ڪري سگهن.ٽئين مرحلي جي شروعات جي موقعي تي وزير اعليٰ هائوس سنڌ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحين جي آن لائن تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ٽيڪ ويلي، سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي گڏيل ڪوششن ۽ عزم کي ساراهيندي هن پروگرام جي ڪاميابيءَ کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو.سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو يونيورسٽي جي آءِ ٽي ٽيم، استادن ۽ شاگردن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۽ ٽئين مرحلي لاءِ وڌيڪ 500 سيٽون حاصل ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. هن سندن محنت ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته اهڙي شروعات شاگردن کي جديد ڊجيٽل مهارتون حاصل ڪرڻ، سندن ڪيريئر جا موقعا وڌائڻ ۽ عالمي ڊجيٽل مارڪيٽ ۾ ڪاميابي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿي.











