ڪيوبا آمريڪي پابندين جي خاتمي لاءِ 7 جولاءِ تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

 هوانا _1 جولاءِ (اي پي پي ) ڪيوبا آمريڪا جي واپاري ۽ اقتصادي پابندين جي خاتمي لاءِ 7 جولاءِ تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه پرڏيهي وزير برونوروريگزپاريا گذريل ڏينهن گادي واري شهر هوانا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي . هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ان لاءِ …

 هوانا _1 جولاءِ (اي پي پي ) ڪيوبا آمريڪا جي واپاري ۽ اقتصادي پابندين جي خاتمي لاءِ 7 جولاءِ تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه پرڏيهي وزير برونوروريگزپاريا گذريل ڏينهن گادي واري شهر هوانا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي . هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ان لاءِ ڪئي آهي  ڇو ته ڪيوبا کي آمريڪي حڪومت طرفان لاڳو واپاري ۽ اقتصادي پابندين سبب انتهائي مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي . اهو اجلاس 7 جولاءِ تي منعقد ٿيندو . پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪيوبا آمريڪا لاءِ ڪو خطرو ناهي . هن چيو ته اهي پابنديون اسان جي عوام جي ڀلائي ۽ خطي جي امن لاءِ خطرو آهن ۽ اهي عالمي قانون جي سمورن اصولن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿيون . هن ان اعتماد جو اظهار به ڪيو ته عالمي برادري جو هڪ اهم وڏو حصو ڪيوبا جي موقف جي حمايت ڪندو .