سنڌ جي وڏي وزير پاران ون يونٽ جي خاتمي واري ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪون

ڪراچي-01 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ون يونٽ جي خاتمي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن صوبائي خودمختياري، جمهوري جدوجهد ۽ وفاقي اصولن جي ڪاميابي جي ياد ڏياريندو آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 1 جولاءِ 1970ع پاڪستان جي وفاقي تاريخ جو هڪ اهم ۽ فيصلائتو ڏينهن آهي، جڏهن ون يونٽ جي خاتمي سان سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد (هاڻوڪو خيبر پختونخواهه) …

ڪراچي-01 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ون يونٽ جي خاتمي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن صوبائي خودمختياري، جمهوري جدوجهد ۽ وفاقي اصولن جي ڪاميابي جي ياد ڏياريندو آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 1 جولاءِ 1970ع پاڪستان جي وفاقي تاريخ جو هڪ اهم ۽ فيصلائتو ڏينهن آهي، جڏهن ون يونٽ جي خاتمي سان سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد (هاڻوڪو خيبر پختونخواهه) جي الڳ سڃاڻپ ۽ آئيني حق بحال ٿيا. وڏي وزير چيو ته ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ سان صوبائي خودمختياري کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته سنڌ جي عوام ۽ سياسي، ادبي ۽ سماجي اڳواڻن صوبائي حقن جي تحفظ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته آئينِ پاڪستان صوبائي خودمختياري، وفاقي توازن ۽ صوبن جي آئيني، انتظامي ۽ مالي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو.سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي مضبوطي سڀني وفاقي ايڪن جي برابري، احترام ۽ گڏيل اعتماد ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه وفاق، جمهوريت ۽ صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته ارڙهين آئيني ترميم ان خواب جي عملي تعبير آهي. هن واضح ڪيو ته صوبائي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو ۽ وفاقي ايڪن جي حقن کي متاثر ڪندڙ هر سوچ ۽ قدم جي مخالفت ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته مضبوط، متحد ۽ بااختيار وفاق لاءِ جدوجهد جاري رهندي.