لاڙڪاڻو پوليس جي آريجا ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي، گڏهن جي ڊوڙ ڪرائيندڙ 11 ڄڻا گرفتار

لاڙڪاڻو - 01 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس آريجا ٿاڻي جي حد ۾ گڏهن جي ڊوڙ ڪرائيندڙن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري جي هدايتن ۽ حڪمن تي پُوليس جُون سماجي برائين خلاف ڪارروايون جاري آهن، پوليس جي آريجا ٿاڻي جي حد زڪريا مهيسر روڊ تي ڪارروائي ڪندي گڏهن جي ڊوڙ لڳائيندڙ يارنهن جوارين کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن ۾ غلام مصطفيٰ، محبوب، گل حسن، راشد، الله ورايو سميت ٻيا 6 جوابدار …

لاڙڪاڻو – 01 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس آريجا ٿاڻي جي حد ۾ گڏهن جي ڊوڙ ڪرائيندڙن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري جي هدايتن ۽ حڪمن تي پُوليس جُون سماجي برائين خلاف ڪارروايون جاري آهن، پوليس جي آريجا ٿاڻي جي حد زڪريا مهيسر روڊ تي ڪارروائي ڪندي گڏهن جي ڊوڙ لڳائيندڙ يارنهن جوارين کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن ۾ غلام مصطفيٰ، محبوب، گل حسن، راشد، الله ورايو سميت ٻيا 6 جوابدار شامل آهن، جوابدارن کان روڪ رقم ھٿ ڪري جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ جانچڻ سميت ٻيون قانوني ۽ ضابطي جُون ڪارروايون جاري آهن.