ڪمبوڊيا جي گادي واري هنڌ نوم پنه ۾ مسلسل ٻي سال آبي ڏهاڙو ملتوي

نوم پنه _ 1 جولاءِ (اي پي پي) ڪمبوڊيا مسلسل ٻي سال گادي واري شهر نومه پنه ۾ منعقد ٿيندڙ ساليانو آبي ڏهاڙو ملتوي ڪيو ويو آهي. جيڪو 23 کان 25 نومبر تي ٿيڻو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاري ڪيل سرڪاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بدلجندڙ قومي ترجيحات، سرحدي مسئلن، عوامي ضرورتن ۽ بي گهر ماڻهن جي امداد کي نظر ۾ رکندي ڏهاڙو ملتوي ڪيو ويو آهي. پڌرائي مطابق صوبن ۾ مقامي روايتن …

نوم پنه _ 1 جولاءِ (اي پي پي) ڪمبوڊيا مسلسل ٻي سال گادي واري شهر نومه پنه ۾ منعقد ٿيندڙ ساليانو آبي ڏهاڙو ملتوي ڪيو ويو آهي. جيڪو 23 کان 25 نومبر تي ٿيڻو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاري ڪيل سرڪاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بدلجندڙ قومي ترجيحات، سرحدي مسئلن، عوامي ضرورتن ۽ بي گهر ماڻهن جي امداد کي نظر ۾ رکندي ڏهاڙو ملتوي ڪيو ويو آهي. پڌرائي مطابق صوبن ۾ مقامي روايتن مطابق تقريبون منعقد ڪري سگهجن ٿيون پر گادي واري شهر نوم پنه ۾ مرڪزي تقريبون نه ٿينديون. حڪومت واضع ڪيو ته ان موقعي تي سرڪاري ملازمن ۽ نجي شعبي جي ڪارڪنن لاءِ ٽي ڏينهن سرڪاري موڪلون برقرار رهنديون. آبي ڏهاڙو ڪمبوڊيا جي سڀ کان وڏي ثقافتي تقريبن ۾ شمار ٿيندو آهي. جنهن ۾ هر سال سڄي ملڪ کان لکين ماڻهو گادي واري شهر نوم پنه جو رخ ڪندا آهن. ان موقعي تي ٽونلي ساپ درياهه ۾ شاهي محل جي سامهون روايتي ٻيڙي راني جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا آهن.