بيجنگ - 01 جولاءِ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي، ته چين پنهنجي هٿياربند فوج کي عالمي معيار موجب ترقي وٺرائيندو ۽ مقرره وقت اندر پنهنجي قومي دفاع ۽ فوج جي جديدڪاري جو عمل مڪمل ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 105 هين يوم تاسيس جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي عالمي معيار جي چين جي هٿياربند فوج …
چين هٿياربند فوج جي عالمي معيار موجب ترقي کي تيز ڪندو: صدر شي جن پنگ
بيجنگ – 01 جولاءِ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي، ته چين پنهنجي هٿياربند فوج کي عالمي معيار موجب ترقي وٺرائيندو ۽ مقرره وقت اندر پنهنجي قومي دفاع ۽ فوج جي جديدڪاري جو عمل مڪمل ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 105 هين يوم تاسيس جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي عالمي معيار جي چين جي هٿياربند فوج جي ترقي کي تيز ڪرڻو پوندو. فوج جي قيام کي 100 سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ مقرره هدف وقت سر حاصل ڪرڻا پوندا ۽ قومي خودمختياري، سلامتي ۽ ترقياتي مفادن جو ڀرپور دفاع ڪرڻو پوندو. هن زور ڀريو ته هڪ مضبوط ملڪ لاءِ مضبوط فوج ضروري آهي ۽ طاقتور هٿياربند فوج کان سواءِ قومي سلامتي کي يقيني نٿو بڻائي سگهجي. چين جي صدر چيو ته چين پنهنجي فوجي ترقي جي منفرد راستي تي ثابت قدمي سان گامزن رهندو. فوج جي سياسي، فني، افرادي ۽ قانوني رخن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو.











