پيرس-01 جولاءِ (اي پي پي) فرانس آبنائي هرمز ۾ امڪاني سيڪيورٽي آپريشنز جي تياري جي سلسلي ۾ پنهنجي جهاز بردار بحري جهاز شارل ڊيگول کي نار عدن ۾ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي فوج جي ترجمان ٻڌايو آهي ته اتحادي ملڪ نار عدن ويجهو فرانس جي فضائي ۽ بحري قوت ۾ شامل ٿي ويو آهي. ترجمان اشارو ڪيو ته فرانس جي جهاز بردار بحري جهاز جي آبنائي هرمز ويجهو پهچڻ جو مقصد وقت جي بچت ۽ سگهه کي يقيني بڻائڻ …
فرانس پاران آبنائي هرمز ۾ امڪاني سيڪيورٽي آپريشن جي تياري جي سلسلي ۾ بحري جهاز نار عدن ۾ مقرر ڪرڻ جو اعلان
پيرس-01 جولاءِ (اي پي پي) فرانس آبنائي هرمز ۾ امڪاني سيڪيورٽي آپريشنز جي تياري جي سلسلي ۾ پنهنجي جهاز بردار بحري جهاز شارل ڊيگول کي نار عدن ۾ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي فوج جي ترجمان ٻڌايو آهي ته اتحادي ملڪ نار عدن ويجهو فرانس جي فضائي ۽ بحري قوت ۾ شامل ٿي ويو آهي. ترجمان اشارو ڪيو ته فرانس جي جهاز بردار بحري جهاز جي آبنائي هرمز ويجهو پهچڻ جو مقصد وقت جي بچت ۽ سگهه کي يقيني بڻائڻ آهي. ترجمان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فرانس خطي ۾ پنهنجي اتحادين جي عسڪري ڪوششن کي متحد ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. اهو اعلان خطي ۾ عسڪري ڇڪتاڻ گهٽتائي کانپوءِ آبنائي هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ بحال ٿيڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سامهون آيو آهي جڏهن ته ڪيترائي ملڪ ان آبي لنگهه تي جهاز راني جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن جتان عالمي تيل جي واپار جو پنجون حصو گذري ٿو. آبنائي هرمز دنيا جي حساس ترين رستن مان هڪ سمجهيو ٿو وڃي جيڪو نار عرب ملڪن کي بحريه عرب ۽ هندي سمنڊ سان ملائي ٿو ۽ عالمي مارڪيٽن تائين تيل ۽ گيس جي منتقلي لاءِ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو جنهن جي ڪري ان رستي تي جهاز راني ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ جو اثر سڌيءَ ريت توانائي جي مارڪيٽ ۽ عالمي واپار تي پوي ٿو.












