سعودي عرب جي دفاع واري وزير سان مالديپ جي هم منصب جي ملاقات

رياض-01 جولاءِ (اي پي پي ) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزادو خالد بن سلمان سان سندس مالديپ جي هم منصب حسن رشيد جده ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي سهڪار  کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي استحڪام تي اثر انداز ٿيندڙ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪورٽي ۾ سعودي …

رياض-01 جولاءِ (اي پي پي ) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزادو خالد بن سلمان سان سندس مالديپ جي هم منصب حسن رشيد جده ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي سهڪار  کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي استحڪام تي اثر انداز ٿيندڙ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪورٽي ۾ سعودي عرب ۽ مالديپ وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مختلف پهلوئن ۽ دفاعي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ شراڪتداري کي هٿي ملندي ۽ گڏيل مفادن جو تحفظ ٿي سگهي. ٻنهي اڳواڻن سيڪيورٽي استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن جو جائزو ورتو جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

مزید خبریں