چين جي پرڏيهي وزير سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار جي ملاقات

بيجنگ _ 1 جولاءِ (اي پي پي ) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي اڳوڻي صدر ۽ ايڪواڊور جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ماريه ايسپينوسا بيجنگ ۾ مُلاقات ڪئي، سي جي ٽي اين مُوجب مُلاقات ۾ هڪ چين جي اصول تي مضبوطي سان ڄمي بيهڻ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جي تجويز ڪيل 4 گلوبل انيشيئيٽوز جي …

بيجنگ _ 1 جولاءِ (اي پي پي ) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي اڳوڻي صدر ۽ ايڪواڊور جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ماريه ايسپينوسا بيجنگ ۾ مُلاقات ڪئي، سي جي ٽي اين مُوجب مُلاقات ۾ هڪ چين جي اصول تي مضبوطي سان ڄمي بيهڻ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جي تجويز ڪيل 4 گلوبل انيشيئيٽوز جي حمايت ڪئي. هن گڏيل قومن جي ٽن ٿنڀن کي متوازن طريقي سان هٿي ڏيڻ لاءِ چين سميت عالمي برادري سان گڏجي ڪري ڪم ڪرڻ جي خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اداري جي وقار کي مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته ماريه ايسپينوسا جو گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل جو  اميدوار هجڻ ، گڏيل قومن جي بنيادي قدرن لاءِ سندس احترام ۽ عالمي حڪمراني لاءِ سندس احساس ذميواري جي عڪاسي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ گڏيل قومن جي سڌارن ۽ مستقبل جي ترقي طرف ۽ ان کان به وڌي ڪري ميمبر ملڪن جي اڪثريت جي اهم مفادن لاءِ اهم آهي. چين چونڊ عمل ۾ ذميواري سان حصو وٺندو ۽ عالمي ترتيب ۽ انتظام ۾ پنهنجو بنيادي ۽ قاعداڻو ڪردار بهتر انداز ۾ ادا ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي حمايت ڪندو.

مزید خبریں