سنڌ جي وڏي وزير پاران خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي ۽ منافعي خوري خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي ۽ منافعي خوري خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته هٿراڌو کوٽ ۽ مارڪيٽ ۾ ڦيرڦار کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته صوبو سال جي باقي حصي لاءِ پنهنجي ڪڻڪ جي ضرورتن جي تياري ڪري رهيو …

ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي ۽ منافعي خوري خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته هٿراڌو کوٽ ۽ مارڪيٽ ۾ ڦيرڦار کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته صوبو سال جي باقي حصي لاءِ پنهنجي ڪڻڪ جي ضرورتن جي تياري ڪري رهيو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪڻڪ جي دستيابي، اسٽاڪ جي پوزيشن ۽ مارڪيٽ جي رجحانن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته حڪومت سنڌ جي سمورن علائقن ۾ مناسب قيمتن تي ڪڻڪ ۽ اٽي جي بنا رڪاوٽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تمام ضروري اپاءَ وٺندي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن مخدوم محبوب الزمان (خوراڪ)، مڪيش ڪمار چاولا (ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن)، محمد بخش خان مهر (زراعت) ۽ ڄام خان شورو (آبپاشي)، صلاحڪار گيانچند ايسراڻي (بحالي)، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، زرعي سيڪريٽري زمان ناريجو، خوراڪ واري سيڪريٽري غلام عباس نائچ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته سنڌ 26-2025ع جي فصل جي سيزن دوران 4.8 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ڪئي آهي (جيڪا هڪ بمپر فصل آهي)، جڏهن ته صوبي جي سالياني واهپي جي ضرورت 6.53 ميٽرڪ ٽن آهي، جيڪا هڪ ساختي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿي. بريفنگ موجب سنڌ وٽ ڪڻڪ جي ڪُل اسٽاڪ جي دستيابي 4.94 ايم ايم ٽي هئي جنهن ۾ ڪيري اوور اسٽاڪ به شامل آهي. اپريل کان جون دوران واهپي ۽ ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪيل ڪڻڪ جو حساب لڳائڻ کانپوءِ، صوبي کي مارچ 2027ع تائين اٽڪل2.1 ايم ايم ٽي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪڏهن مارڪيٽ سپلائي جاري نه رهي. خوراڪ واري وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته خوراڪ کاتي وٽ هن وقت 0.2218 ايم ايم ٽي ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آهي، جنهن ۾ ڪيري اوور ريزرو ۽ نئين خريداري شامل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان وٽ اٽڪل 24.39 ايم ايم ٽي نيٽ ڪڻڪ جو بيلنس هو، جنهن مان لڳ ڀڳ 12.2 ايم ايم ٽي آبادگارن ۽ گهرن جي قبضي ۾ هجڻ جو امڪان هو. عھديدارن نوٽ ڪيو ته ان اسٽاڪ جو رڳو هڪ حصو مارڪيٽ ۾ نظر اچي رهيو هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 2.5 ايم ايم ٽي پنجاب ۾ ۽ ھڪ ايم ايم ٽي سنڌ ۾ آساني سان ٽريس ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته لڳ ڀڳ 9.5 ايم ايم ٽي عام مارڪيٽ چينلز کان ٻاهر رهيو. ان موقعي تي وڏي وزير ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته لڪيل اسٽاڪ غير ضروري مارڪيٽ پريشر پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ گمان بازي واري واپار کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. وڏي وزير چيو ته حڪومت ذخيرا اندوزن ۽ منافعي خورن کي هٿراڌو کوٽ ذريعي صارفين جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. ڪڻڪ هڪ اسٽريٽجڪ جنس آهي ۽ ان جي دستيابي کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمتن جي رجحانن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته تازن مھينن ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. في 40 ڪلوگرام ڪڻڪ جي موجوده قيمت پنجاب ۾ 4,150 روپين کان 4,350 روپيا، سنڌ ۾ 4,680 روپيا، خيبر پختونخوا ۾ 4,680 روپيا ۽ بلوچستان ۾ 4,600 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي. عھديدارن چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي قيمت اپريل جي شروعات ۾ لڳ ڀڳ 3,200 روپيا في 40 ڪلوگرام مان وڌي 4,200 روپيا کان 4,600 روپيا جي وچ ۾ پهچي وئي آهي، جيڪا ڪجھه مھينن اندر 30 کان 40 سيڪڙو کان وڌيڪ جي واڌ کي ظاهر ڪري ٿي. وڏي وزير کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جو اسٽاڪ رکڻ مان ملندڙ منافعو نيشنل سيونگز انسٽرومينٽس ذريعي ملندڙ منافعي کان وڌڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن سان گمان بازي واري اسٽوريج ۽ ذخيرا اندوزي لاءِ ترغيب پيدا ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ وڏن شھرن ۾ اٽي جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته في ڪلوگرام اٽي جي اوسط قيمت ڪراچي ۾ 135 روپيا، حيدرآباد ۾ 131 روپيا، سکر ۾ 124 روپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ 124 روپيا آهي. اجلاس ۾ هڪ تجزيو پيش ڪئي وئي، جنهن مان ظاهر ٿيو ته ڪڻڪ جون وڌندڙ قيمتون سڌي طرح اٽي ۽ ماني جي وڌندڙ قيمتن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت جي ترجيح صارفين کي ناجائز قيمتن جي واڌ کان بچائڻ آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي قيمتن ۾ ڪو به اضافو ناجائز منافعي خوري جو بهانو نه بڻجڻ گهرجي. انتظاميا کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻو پوندو ته صارفين کي منصفاڻي قيمتن تي اٽو ملي. خوراڪ کاتي پاران پيش ڪيل تجويزن جو جائزو وٺندي وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي سنڌ ايسينشل ڪموڊٽيز پرائس ڪنٽرول اينڊ پريوينشن آف پرافٽيرنگ اينڊ هورڊنگ ايڪٽ، 2005ع تحت فوري طور تي انفورسمينٽ کي تيز ڪن. هن ضلعي انتظاميا کي غير قانوني ذخيرن جي نشاندهي ڪرڻ، گودامن جو معائنو ڪرڻ ۽ غير لائسنس يافته ڪڻڪ جي واپارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي کان ٻاهر ڪڻڪ جي غير مجاز چر پر کي روڪڻ لاءِ بارڊر مانيٽرنگ اڳ ۾ ئي شروع ڪئي وئي آهي. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ جي اسٽاڪ جي سخت مانيٽرنگ ڪن، ڪڻڪ جي اسٽوريج ۽ ٽريڊنگ لاءِ لائسنسنگ جي ضرورتن کي لاڳو ڪن، ذخيرا اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪن، غير مجاز ڪڻڪ جي چر پر کي روڪڻ لاءِ بارڊر سيلنگ/سڪيورٽي کي مضبوط ڪن، قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ باقاعده مارڪيٽ سپلائي کي يقيني بڻائين ۽ فلور ملن لاءِ اسٽاڪ جي حد مقرر ڪرڻ جي تجويزن کي تيز ڪن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته فلور ملن لاءِ اسٽاڪ جي حد مقرر ڪرڻ جي تجويز واري سمري اڳ ئي سنڌ ڪابينا جي غور لاءِ پيش ڪئي وئي آهي. اها تجويز به ڏني وئي ته غير قانوني ذخيرا اندوزن کان ضبط ڪيل ڪڻڪ کي سرڪاري طور تي خريد ڪيل ڪڻڪ طور سمجھيو وڃي ۽ ان کي سرڪاري گودامن ۾ منتقل ڪيو وڃي. تجويز تحت ضبط ڪيل اسٽاڪ جي مالڪن کي 3,500 روپيا في 40 ڪلوگرام جي شرح سان معاوضو ڏنو ويندو. اجلاس جي پڄاڻي تي مراد علي شاهه سمورن لاڳاپيل کاتن کي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ ڪڻڪ جي اسٽاڪ، قيمتن ۽ مارڪيٽ جي صورتحال تي باقاعده رپورٽون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته اسان جو مقصد واضح آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽو سنڌ جي هر شهري لاءِ دستياب، سستو ۽ پهچ ۾ هجڻ گهرجي. مارڪيٽ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

مزید خبریں