سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مختلف وفاقي ۽ صوبائي کاتن کان 33 ارب رپين جي رڪارڊ وصولي ڪرائي سموري رقم سنڌ جي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) مختلف وفاقي ۽ صوبائي کاتن کان 33 ارب رپين جي رڪارڊ وصولي ڪرائي سموري رقم سنڌ جي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سنڌ پي اي سي اها 33 ارب رپين جي وصولي جولاءِ 2024ع کان جون 2026ع تائين ڪرائي آهي. اڱاري ڏينهن پي اي سي جي چيئرمين پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب …

ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) مختلف وفاقي ۽ صوبائي کاتن کان 33 ارب رپين جي رڪارڊ وصولي ڪرائي سموري رقم سنڌ جي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سنڌ پي اي سي اها 33 ارب رپين جي وصولي جولاءِ 2024ع کان جون 2026ع تائين ڪرائي آهي. اڱاري ڏينهن پي اي سي جي چيئرمين پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ پي اي سي جولاءِ 2024ع کان جون 2026ع تائين 188 رڪارڊ اجلاس منعقد ڪيا، جن ۾ مختلف کاتن جي 787 آڊٽ پيرائن کي سيٽل ڪيو ويو. پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو چيو آھي ته صارفين کان اليڪٽرڪ سٽي ڊيوٽي جي مد ۾ وصول ڪيل 11,904 ملين رپيا ڪي اليڪٽرڪ کان وصول ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي پاڻي جي بلن جي مد ۾ مختلف وفاقي ۽ صوبائي ادارن ڏانھن رهيل 12,594.34 ملين رپين جون رھتون پڻ وصول ڪرايون ويون آهن. ان کان علاوه سنڌ جي مختلف کاتن کان 10 ارب رپيا به وصول ڪرايا ويا آھن. اهڙيءَ طرح مجموعي طور 33 ارب رپيا وصول ڪرائي سنڌ جي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا آھن. نثار کھڙو چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي عوام جي ٽيڪس جي پئسن ۾ گهوٻيون ۽ مالي بي ضابطگيون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي ۽ پي اي سي چاهي ٿي ته سڀئي کاتا عوام جي ٽيڪس جا پئسا عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪن ۽ جتي به مالي بي ضابطگيون ثابت ٿينديون اتي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته پي اي سي سرڪاري آفيسرن پاران آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ واري عمل کي به برداشت نه ڪندي ۽ جيڪي کاتا آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندا انهن جي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جي ريشنلائيزيشن ۽ پگهارن کي آن لائين ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيئرمين پي اي سي چيو ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي جتي ٽي ڀيرا لوڪل گورنمينٽ جو مدو مڪمل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ لوڪل گورنمينٽ جو نظام ئي موجود ناهي، جيڪي ماڻهو سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ نظام تي تنقيد ڪن ٿا اهي پهرين پنهنجي صوبي ۾ لوڪل گورنمينٽ جون چونڊون ڪرائين. ھن چيو ته سنڌ حڪومت هر سال 156 ارب رپين جي گرانٽ ڏئي هيٺين سطح تائين لوڪل گورنمينٽ نظام کي مضبوط ۽ بااختيار بڻائي رهي آهي. نثار کھڙو سنڌ حڪومت کي تجويز ڏيندي چيو ته سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جي ريشنلائيزيشن ڪئي وڃي ته جيئن جتي ملازمن جي کوٽ آهي اتي اها پوري ٿي سگهي. ھن چيو ته ڪي ايم سي وانگر سڄي سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جون پگهارون SAP سسٽم تحت آن لائين ڪيون وڃن ته جيئن شفافيت سان پگهارون ملازمن تائين پهچي سگهن. نثار کھڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي سمورين 1600 يوسيز کي پابند بڻائي ته هر يوسي پنهنجي فنڊ مان هر مهيني ٽي لک رپين جا سولر پينل خريد ڪري غريب عوام کي مفت فراهم ڪري ان عمل سان هر مهيني 48 ڪروڙ رپين جا سولر پينل غريب ماڻهن تائين پهچائي سگهبا. نثار کھڙو چيو ته سنڌ پي اي سي کي آر بي او ڊي ٽو منصوبي تي گذريل ڏهن سالن کان ڪم بند هجڻ تي سخت ڳڻتي آهي. ھن چيو ته 273 ڪلوميٽر ڊگهو آر بي او ڊي ٽو منصوبو 14 ارب رپين سان شروع ڪيو ويو هو، جيڪو ٽي ڀيرا نظرثاني ٿيڻ بعد 64 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته 40 ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود به منصوبي تي عملي ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور ڪنسلٽنٽ مقرر ڪري آر بي او ڊي ٽو منصوبي تي ڪم شروع ڪرائي.

مزید خبریں