سکر- 30 جون (اي پي پي) سکر جي علائقي نيو پنڊ ۾ ڀائرن وچ ۾ ٿيل جھيڙي دوران ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس پاران ڏنل معلومات تحت ٻن ڀائرن وچ ۾ گھريلو معاملي تان تلخ ڪلامي ٿي پئي. جنھن بعد تلخ ڪلامي جھيڙي جي شڪل اختيار ڪري ورئي ۽ جهيڙي دوران واجد علي پٽ جامو خان بروهي فوت ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي نيو پنڊ پوليس ٿاڻي جا اھلڪار واري هنڌ پھتا جن لاش تحويل …
سکر جي علائقي نيو پنڊ ۾ ڀائرن وچ ۾ جهيڙو،ھڪ ڄڻو قتل

مزید خبریں
سکر- 30 جون (اي پي پي) سکر جي علائقي نيو پنڊ ۾ ڀائرن وچ ۾ ٿيل جھيڙي دوران ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس پاران ڏنل معلومات تحت ٻن ڀائرن وچ ۾ گھريلو معاملي تان تلخ ڪلامي ٿي پئي. جنھن بعد تلخ ڪلامي جھيڙي جي شڪل اختيار ڪري ورئي ۽ جهيڙي دوران واجد علي پٽ جامو خان بروهي فوت ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي نيو پنڊ پوليس ٿاڻي جا اھلڪار واري هنڌ پھتا جن لاش تحويل ۾ ورتو ۽ قانوني ڪارروائي کان پوءِ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو. پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي مقتول جي ڀاءُ، مبينا جوابدار ساجد بروهي کي گرفتار ڪيو آهي.











