ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ ۾ جولاءِ جي پهرين هفتي دوران مون سون برساتن جو الرٽ جاري ڪيو ويوي آهي. سنڌ جي پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) جولاءِ جي پهرين هفتي دوران سانوڻي جي برساتن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم اي ڊائريڪٽر آپريشنز شايان شاهه موجب 3 ۽ 4 جولاءِ تي مٿانهين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات جو …
سنڌ ۾ جولاءِ جي پهرين هفتي دوران سانوڻي جي برساتن جو الرٽ جاري
ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ ۾ جولاءِ جي پهرين هفتي دوران مون سون برساتن جو الرٽ جاري ڪيو ويوي آهي. سنڌ جي پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) جولاءِ جي پهرين هفتي دوران سانوڻي جي برساتن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم اي ڊائريڪٽر آپريشنز شايان شاهه موجب 3 ۽ 4 جولاءِ تي مٿانهين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. سکر، لاڙڪاڻو، دادو، جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد، ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، قمبر شهدادڪوٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سانوڻي جي برساتن سبب سخت گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته برساتن دوران ڪمزور عمارتن ۽ ڍانچن کي نقصان پهچڻ جو خدشو به موجود آهي. هن آبادگارن کي موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي زرعي سرگرميون ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ڊي ايم اي هر قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن ۽ ضلعي انتظاميا کي به الرٽ رهڻ ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.












