ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان گهنور خان اسراڻ، جماعت اسلامي ڪراچي جي تازي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جماعت اسلامي روز نيون نيون اصطلاحون ايجاد ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ٻڌائي ته دنيا جي ڪهڙي قانون، آئين يا بلدياتي نظام ۾ ”بلدياتي ايمرجنسي“ نالي ڪا آئيني يا قانوني اصطلاح موجود آهي؟ سندس …
سنڌ حڪومت جي ترجمان گهنور خان اسراڻ جو جماعت اسلامي ڪراچي جي تازي بيان تي رد عمل
ڪراچي- 30 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان گهنور خان اسراڻ، جماعت اسلامي ڪراچي جي تازي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جماعت اسلامي روز نيون نيون اصطلاحون ايجاد ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ٻڌائي ته دنيا جي ڪهڙي قانون، آئين يا بلدياتي نظام ۾ ”بلدياتي ايمرجنسي“ نالي ڪا آئيني يا قانوني اصطلاح موجود آهي؟ سندس چوڻ هو ته ايمرجنسي صرف غير معمولي حالتن، قدرتي آفتن، جنگ، وبائي بيمارين يا اهڙين هنگامي حالتن ۾ لاڳو ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته شهر جي انتظامي يا بلدياتي مسئلن جو حل سياسي نعريبازي يا هٿ ٺوڪين اصطلاحن ۾ نه، پر عملي قدمن ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي وٽ فارغ وقت گهڻو آهي، تنهنڪري روزانو پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ۽ نيون اصطلاحون گهڙي ميڊيا جي زينت بڻجڻ سندن پراڻو طريقو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن جماعت اسلامي کي واقعي ڪراچي جي ڳڻتي آهي ته هو پنهنجي ٽائونز تي ڌيان ڏئي عوامي مسئلا حل ڪري. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳيتو ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. گهنور خان اسراڻ زور ڀريو ته ڪراچي جي عوام کي گمراهه ڪرڻ بدران جماعت اسلامي کي سنجيده ۽ ذميواراڻي سياست جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته مسئلن جو حل چڙ ڏياريندڙ بيانن سان نه، پر عملي خدمت سان نڪرندو آهي.












