عراق پاران برڪس جو ميمبر بڻجڻ جي خواهش جو اظهار

ماسڪو- 30 جون (اي پي پي) عراق چيو آهي ته هو مستقبل ۾ برڪس جو ميمبر بڻجن جو خواهشمند آهي. روس ۾ عراق جي سفير ڊاڪٽر عبدالڪريم هاشم مصطفيٰ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برڪس هڪ نهايت اهم تنظيم آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هڪ ڏينهن عراق به ان جو حصو بڻجندو. هن چيو ته عراق جي امڪاني ميمبرشپ جو ڀاڙڻ ڪيترن عمل تي هوندو. هن چيو …

ماسڪو- 30 جون (اي پي پي) عراق چيو آهي ته هو مستقبل ۾ برڪس جو ميمبر بڻجن جو خواهشمند آهي. روس ۾ عراق جي سفير ڊاڪٽر عبدالڪريم هاشم مصطفيٰ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برڪس هڪ نهايت اهم تنظيم آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هڪ ڏينهن عراق به ان جو حصو بڻجندو. هن چيو ته عراق جي امڪاني ميمبرشپ جو ڀاڙڻ ڪيترن عمل تي هوندو. هن چيو ته برڪس جي ميمبر شپ لاءِ ڪهڙا شرط آهن، جڏهن ته يقينن عراق جي شموليت هڪ سٺو خيال هوندو. بلاڪ جي شروعات روس 2006ع ۾ ڪئي هئي. شروع ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين ان جا باني ميمبر هئا، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا 2011ع ۾ شموليت کانپوءِ ان گروپ کي برڪس جو نالو ڏنو ويو. مصر، ايران، گڏيل عرب امارتون ۽ ايٿوپيا جنوري 2024ع ۾ برڪس جا مڪمل ميمبر بڻيا، جڏهن ته انڊونيشيا، جنوري 2025ع ۾ تنظيم جي مڪمل ميمبر شپ حاصل ڪئي.