ليبيا ۾ اتحاد جي بحالي جي ڪوششن جي حمايت ڪنداسين: آمريڪا

واشنگٽن- 30 جون (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته هو ليبيا ۾ اتحاد جي بحالي جي ڪوششن جي حمايت لاءِ ليبيائي اڳواڻن ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي ڪم جاري رکندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اڱاري ڏينهن واشنگٽن ۾ ليبيائي نيشنل آرمي جي نائب ڪمانڊر صدام حفتر سان ملاقات کانپوءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي چئي. هن چيو ته آمريڪي انتظاميه ليبيا ۾ …

واشنگٽن- 30 جون (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته هو ليبيا ۾ اتحاد جي بحالي جي ڪوششن جي حمايت لاءِ ليبيائي اڳواڻن ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي ڪم جاري رکندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اڱاري ڏينهن واشنگٽن ۾ ليبيائي نيشنل آرمي جي نائب ڪمانڊر صدام حفتر سان ملاقات کانپوءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي چئي. هن چيو ته آمريڪي انتظاميه ليبيا ۾ اتحاد جي بحالي جي ڪوششن جي حمايت لاءِ ڀائيوارن سان گڏجي ڪم جاري رکندو. هن چيو ته هن ليبيائي نيشنل آرمي جي نائب ڪمانڊر صدام حفتر سان ملاقات دوران ليبيا جي فوج کي متحد ڪرڻ پائيدار امن لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته آمريڪا ليبيائي اڳواڻن ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي وڌيڪ پرامن، متحد ۽ خوشحال ليبيا جي قيام جي حمايت جاري رکندو.