جنيوا-30 جون(اي پي پي)وينزويلا ۾ آيل شديد زلزلي سبب 18 لک ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، انهن ۾ 6 لک 80 هزار ٻار به شامل آهن. ٻارن لاءِ گڏيل قومن جي فنڊ (يونيسيف) جي رپورٽ موجب وينزويلا ۾ اسپتالن ۾ گنجائش کان وڌيڪ زخمي ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هزارين ماڻهن کي صاف پاڻي تائين قابل اعتماد پهنچ حاصل …
وينز ويلا ۾ زلزلي سبب متاثر 18 لک ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي: يونيسيف

مزید خبریں
جنيوا-30 جون(اي پي پي)وينزويلا ۾ آيل شديد زلزلي سبب 18 لک ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، انهن ۾ 6 لک 80 هزار ٻار به شامل آهن. ٻارن لاءِ گڏيل قومن جي فنڊ (يونيسيف) جي رپورٽ موجب وينزويلا ۾ اسپتالن ۾ گنجائش کان وڌيڪ زخمي ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هزارين ماڻهن کي صاف پاڻي تائين قابل اعتماد پهنچ حاصل ناهي، زلزلي سبب گهڻن اسڪولن کي نقصان ٿيو آهي. رڳو گادي واري هنڌ ڪراڪس ۾ 432 اسڪولن کي زلزلي سبب نقصان ٿيو آهي جڏهن ته زلزلي سبب نقصان کان بچي ويل اسڪولن کي عارضي طور تي پناهه گاهن طور استعمال ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته وينزويلا ۾ زلزلي کانپوءِ 27 ملڪن جا 2200 کان به وڌيڪ امدادي ڪارڪن سرچ اينڊ ريسڪيو جي ڪارروائين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. گڏيل قومن جي مدد سان جاري انهن ڪارروائين ۾ 140 ڪتن جي مدد به ورتي پئي وڃي. بيان موجب يونيسف 650000 ماڻهن جن ۾ 234000 ٻار به شامل آهن انهن کي بنيادي شيون فراهم ڪيون آهن. يونيسيف جي پهرين اڏام 20 ميٽرڪ ٽن طبي سامان سان گڏ پاڻي ۽ صفائي جو سامان کڻي جمعي ڏينهن وينزويلا پهتي هئي جڏهن ته ڪوپن هيگن ۾ يونيسيف جي عالمي سپلائي مرڪز مان ٻي کيپ ايندڙ ڏينهن ۾ اماڻڻ جو امڪان آهي. زلزلي کانپوءِ وينزويلا جو مرڪزي عالمي هوائي اڏو پوري طرح ڪم ناهي ڪري رهيو.











