جنيوا-29 جون (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي سخت مخالفت ڪري ٿو ۽ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ هڪ مڪمل قانوني ۽ نگراني جو نظام قائم ڪري چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چيني وفد جي نائب سربراهه لي شياوميئي سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 62 هين اجلاس ۾ عورتن …
عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي مخالفت ڪريون ٿا: چين
جنيوا-29 جون (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي سخت مخالفت ڪري ٿو ۽ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ هڪ مڪمل قانوني ۽ نگراني جو نظام قائم ڪري چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چيني وفد جي نائب سربراهه لي شياوميئي سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 62 هين اجلاس ۾ عورتن جي حقن جي موضوع تي منعقد سيمينار ۾ چئي. هن چين جو موقف پيش ڪندي چيو ته چين عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جو سخت مخالف آهي ۽ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ هڪ مڪمل قانوين ۽ نگراني جو نظام قائم ڪري چڪو آهي. چين تازو ئي قومي انساني حقن جي ايڪشن پلان (2030ع-2026ع) جاري ڪيو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جي تحفظ جي نظام کي مسلسل بهتر بڻايو ويو آهي ته جيئن عورتن ۽ ٻارڙين جي ڀلائي جي عالمي شعبي ۾ وڌيڪ استحڪام ۽ هاڪاري توانائي فراهم ڪري سگهجي.










