آمريڪا ۾ ٻيلن ۾ لڳل ٻاهه کي وسائيندي 3 فائر فائٽرز فوت، 2 زخمي

واشنگٽن-29 جون (اي پي پي) آمريڪا جي رياست ڪولوراڊو ۽ يوٽا جي سرحد تي ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروائي دوران ٽي فائر فائٽرز فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا وائلڊ لينڊ فائر سروس ٻڌايو ته اهو واقعو ميسا ڪائونٽي ۾ نولز ۽ گور نالي ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ دوران پيش آيو، جتي ٻاهه اوچتو فائر فائٽرز کي پنهنجي لپيٽ ۾ …

واشنگٽن-29 جون (اي پي پي) آمريڪا جي رياست ڪولوراڊو ۽ يوٽا جي سرحد تي ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروائي دوران ٽي فائر فائٽرز فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا وائلڊ لينڊ فائر سروس ٻڌايو ته اهو واقعو ميسا ڪائونٽي ۾ نولز ۽ گور نالي ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ دوران پيش آيو، جتي ٻاهه اوچتو فائر فائٽرز کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. آمريڪي گهرو کاتي مطابق هنگامي صورتحال ۾ عملي حفاظتي فائر شيلٽرز استعمال ڪيا، پر ٽي اهلڪار فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. گهرو کاتي ٻڌايو ته بعد ۾ نولز ۽ گور جي باهه ٻين هنڌن تي لڳل باهه سان گڏجي سنائيڊر فائر جي شڪل اختيار ڪري وئي.