واشنگٽن _29 جون(اي پي پي)آمريڪي خلائي ادارو ناسا نيل گيرلز سوئفٽ آبزر ويٽري کي زمين ڏانهن ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ خصوصي خلائي مشن جي تياري ڪري رهيو آهي ، ڇو ته تازي شديد شمسي سرگرمين سبب ان جو مدار تيزي سان مختصر ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 30 ملين ڊالرن جي ماليت جو اهو مشن ڪيٽالسٽ اسپيس ٽيڪنالاجي جي شراڪت سان انجام ڏنو ويندو ۽ ان جي شروعات هلندڙ …
ناسا پاران نيل گيرلز سوئفٽ آبزر ويٽري کي زمين ڏانهن ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ خصوصي خلائي مشن تيار
واشنگٽن _29 جون(اي پي پي)آمريڪي خلائي ادارو ناسا نيل گيرلز سوئفٽ آبزر ويٽري کي زمين ڏانهن ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ خصوصي خلائي مشن جي تياري ڪري رهيو آهي ، ڇو ته تازي شديد شمسي سرگرمين سبب ان جو مدار تيزي سان مختصر ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 30 ملين ڊالرن جي ماليت جو اهو مشن ڪيٽالسٽ اسپيس ٽيڪنالاجي جي شراڪت سان انجام ڏنو ويندو ۽ ان جي شروعات هلندڙ هفتي جي پهرين ڏينهن ۾ متوقع آهي. مشن دوران ٽن ٻانهن وارو هڪ روبوٽ خلائي جهاز آبزرويٽري سان گڏ مدار ۾ ملندو ۽ ان کي وڌيڪ اونچائي ۽ مستحڪم مدار ۾ منتقل ڪندو، ته جيئن هو ڪائنات ۾ ٿيندڙ وڏن ڌماڪن جو مشاهدو جاري رکي سگهي. خلائي جهاز کي پيگاسس ايڪس ايل راڪٽ ذريعي مارشل ٻيٽ تان هلندڙ هفتي ئي خلا ۾ موڪلڻ جو امڪان آهي . واضع رهي ته نيل گيرلز سوئفٽ آبزرويٽري 2004ع کان فعال آهي ۽ زمين جي ماحول ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ان کي جلد بلند مدار ۾ منتقل ڪرڻ ضروري آهي. ياد رهي ته نيل گيرلز سوئفٽ آبزرويٽري ناسا جي هڪ خلائي دوربين آهي جنهن کي 20 نومبر 2024ع ۾ خلا ۾ اماڻيو ويو هو.










