بيجنگ _ 29 جون (اي پي پي) چين قومي سلامتي ۽ قومي مفادن جي تحفظ سان گڏوگڏ ايٽمي، ڪيميائي ۽ حياتياتي هٿيارن جي عدم پکيڙ (non- proliferation) سميت عالمي ذميوارين جي تڪميل لاءِ جاپان جي 20 ادارن کي ايڪسپورٽ ڪنٽرول فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت طرفان سومر ڏينهن جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن ادارن کي ٻيڻي استعمال جون شيون …
چين جاپان جي 20 ادارن کي ايڪسپورٽ ڪنٽرول فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو
بيجنگ _ 29 جون (اي پي پي) چين قومي سلامتي ۽ قومي مفادن جي تحفظ سان گڏوگڏ ايٽمي، ڪيميائي ۽ حياتياتي هٿيارن جي عدم پکيڙ (non- proliferation) سميت عالمي ذميوارين جي تڪميل لاءِ جاپان جي 20 ادارن کي ايڪسپورٽ ڪنٽرول فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت طرفان سومر ڏينهن جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن ادارن کي ٻيڻي استعمال جون شيون ايڪسپورٽ ڪرڻ تي پابندي هوندي. ان کان علاوه پرڏيهه ۾ موجود تنظيمون ۽ ماڻهو به چين کان حاصل ٿيندڙ ٻيڻي استعمال جون شيون انهن ادارن کي منتقل يا فراهم نه ڪري سگهندا . جيڪڏهن ان نوعيت جي ڪا سرگرمي پهريان کان جاري آهي ته ان کي فوري طور تي روڪڻو پوندو. انهن 20 ادارن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ فار ڊفينس اسٽڊيز به شامل آهي . واپار واري وزارت جاپان جي 20 ادارن کي نگراني جي فهرست (watch list ) ۾ به شامل ڪيو آهي ڇو ته انهن ادارن طرفان ٻيڻي استعمال وارين شين جي حتمي صارفين (end users) ۽ انهن جي استعمال (end use) جي تصديق ناهي ٿي سگهي.










