بيجنگ _ 29 جون (اي پي پي) چين جي اولهندي صوبي سيچوان جي شهر بيبين جي گائوشيان ڪائونٽي ۾ 5.5 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب 13 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن پر فوري طور تي ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي اختيارين ٻڌايو ته زخمين کي اسپتال جڏهن ته 196 ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل …
چين جي صوبي سيچوان ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو، 13 ڄڻا زخمي
بيجنگ _ 29 جون (اي پي پي) چين جي اولهندي صوبي سيچوان جي شهر بيبين جي گائوشيان ڪائونٽي ۾ 5.5 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب 13 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن پر فوري طور تي ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي اختيارين ٻڌايو ته زخمين کي اسپتال جڏهن ته 196 ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. زلزلي جي لوڏن بعد امدادي سرگرميون جاري آهن. چائنا ڪوئيڪ نيٽ ورڪس سينٽر مطابق زلزلو سومر ڏينهن بيجنگ جي وقت مطابق رات جو 12 لڳي 12 منٽن تي آيو. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 6 ڪلو ميٽرن جي اونهائي ۾ هو. زلزلي بعد چائنا ارٿ ڪوئيڪ ايڊمنسٽريسن ٽئين درجي جو هنگامي ردعمل لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.










