رياض-29 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي الجوف ريجن جي طبر جل ڪمشنري ۾ هڪ آبادگار پنهنجي فارم ۾ پهريون ڀيرو حلبي پستن جي پوک ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي شهري راضي الهزيل ٻڌايو ته پستا جو شمار اهم خشڪ ميوي ۾ ٿيندو آهي. حلبي پستا جي پوک جو خيال اٽڪل 10 سال اڳ الجوف ريجن جي زرخيز زمين کي ڏسي آيو. راضي الهزيل ٻڌايو ته قدرت ان …
سعودي عرب جي الجوف ريجن ۾ پهريون ڀيرو حلبي پستن جي پوک ڪئي وئي
رياض-29 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي الجوف ريجن جي طبر جل ڪمشنري ۾ هڪ آبادگار پنهنجي فارم ۾ پهريون ڀيرو حلبي پستن جي پوک ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي شهري راضي الهزيل ٻڌايو ته پستا جو شمار اهم خشڪ ميوي ۾ ٿيندو آهي. حلبي پستا جي پوک جو خيال اٽڪل 10 سال اڳ الجوف ريجن جي زرخيز زمين کي ڏسي آيو. راضي الهزيل ٻڌايو ته قدرت ان علائقي جي زمين کي اها خاصيت عطا ڪئي آهي هتي جيڪا به پوک ڪبي آهي ان جو ڦل سٺو حاصل ٿيو آهي ان حقيقت کي ڏسندي پستا جي پوک جي باري ۾ سوچيو. راضي الهزيل موجب شروع ۾ ان باري ۾ رڳو معلومات حاصل ڪئي هاڻي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته حلبي پستا جي پوک ۾ مڪمل ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. سندس چوڻ هيو ته هن وقت اسان جي فارم ۾ ٻه هزار کان به وڌيڪ ٻوٽا آهن جن جي عمر ڇهه سال يان ان کان به وڌيڪ آهي. ان کانسواءِ نرسري فارم ۾ 9 هزار کان به وڌيڪ ٻوٽن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي جيڪي مڪمل طور تي تيار ٿي چڪا آهن. اهي بهتر نگراني ۽ سار سنڀال سبب وڻ بڻجي ويندا. سعودي آبادگارن جي ڪوشش آهي ته الجوف ريجن کي پستا جي پوک بهتر ڪري ان علائقي کي ميوو ايڪسپورٽ ڪندڙ علائقي طور تي نمايان حيثيت ملي. هڪ سوال تي راضي الهزيل چيو ته پستا جي ٻوٽن کي ٻين فصلن وانگر وڌيڪ پاڻي ناهي ڏبو جڏهن ته هڪ وڻ پنجن کان ستن سالن ۾ ميوو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو.










