ڪراڪس-29 جون (اي پي پي) وينزويلا ۾ تباهي ڪندڙ زلزلي ۾ ڪري پيل عمارت جي ملبي ۾ دٻيل پيءُ ۽ پٽ کي 4 ڏينهن بعد زنده ڪڍيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ۽ فرانس جي امدادي ڪارڪنن کي گوائيرا جي علائقي ۾ خصوصي سرچ ڪيمرا ۾ زندگي جا آثار ڏٺا ويا. ان کانپوءِ ڪافي احتياط سان ملبو هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڪجهه ڪلاڪن جي کوٽائي …
وينزويلا ۾ زلزلي سبب ڊهي پيل عمارت جي ملبي هيٺ دٻيل پيءٌ ۽ پٽ کي چئن ڏينهن بعد زنده ڪڍيو ويو
ڪراڪس-29 جون (اي پي پي) وينزويلا ۾ تباهي ڪندڙ زلزلي ۾ ڪري پيل عمارت جي ملبي ۾ دٻيل پيءُ ۽ پٽ کي 4 ڏينهن بعد زنده ڪڍيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ۽ فرانس جي امدادي ڪارڪنن کي گوائيرا جي علائقي ۾ خصوصي سرچ ڪيمرا ۾ زندگي جا آثار ڏٺا ويا. ان کانپوءِ ڪافي احتياط سان ملبو هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڪجهه ڪلاڪن جي کوٽائي کانپوءِ ٽيم پيءُ ۽ پٽ تائين پهچي وئي جن کي ماسڪ پهريل هيا ۽ ڪافي ڪمزور لڳي رهيا هيا انهن کي ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچايو ويو. فرانس جي سول سيڪيورٽي جي هڪ ميمبر جو چوڻ آهي ته پيءُ ۽ پٽ ڪمزور آهن ڇو ته 4 ڏينهن تائين هڪ تنگ هنڌ تي ڦاٿل هيا اتي هوا به موجود نه هئي انهن کي ٻيهر عام زندگي طرف آڻڻ لاءِ دوائون ڏنيون پيون وڃن. واضح رهي ته وينزويلا ۾ 24 جون تي خوفناڪ زلزلو آيو هو جنهن ۾ 188 فوتگيون ۽ سوين ماڻهن جي ملبي هيٺ دٻجي وڃڻ جا اطلاع آهن.










