خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران ڪراچي ۾ دهشتگردن جي حملي جي مذمت، سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

پشاور – 28 جون (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي فتنه الهندوستان جي دهستگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر جي پبلڪ ريليشنز آفيسر پاران جاري بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته الرٽ ۽ بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن وقت سر ڪارروائي ڪندي هندوستاني سرپرستي هيٺ دهشتگردن جي …

پشاور – 28 جون (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي فتنه الهندوستان جي دهستگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر جي پبلڪ ريليشنز آفيسر پاران جاري بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته الرٽ ۽ بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن وقت سر ڪارروائي ڪندي هندوستاني سرپرستي هيٺ دهشتگردن جي ناپاڪ عزم ناڪام بڻايا ۽ حملو ڪندڙن کي انجام تائين پهچايو. هن چيو ته اسانجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ قربانيون فخر جوڳيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ معاشي مرڪز ڪراچي کي نشانو بڻائڻ جي هر سازش ناڪام ٿيندي. دشمن عنصر دهشتگردي ذريعي پاڪستان جي ترقي، معاشي سرگرمين ۽ علاقائي رابطن کي نقصان پهچائڻ جي پنهنجن ناپاڪ عزمن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي دهشتگردي جي هر شڪل جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪار قانون کان نه ٿا بچي سگهن. سموري قوم پنهنجي بهادر فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں