گڏيل قومون - 27 جون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي، ته هٿياربند جهيڙن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڊرونز ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ استعمال ٻارن کي غيرمعمولي ۽ مسلسل حملن جي ضد ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته 2025ع دوران ٻارن خلاف سنگين ڀڃڪڙين جي انگ ۾ رڪارڊ سطح تائين واڌ ٿي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي سفير عثمان جدون ”ٻار …
پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ ٻارن تي حملن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ استعمال تي ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
گڏيل قومون – 27 جون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي، ته هٿياربند جهيڙن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڊرونز ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ استعمال ٻارن کي غيرمعمولي ۽ مسلسل حملن جي ضد ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته 2025ع دوران ٻارن خلاف سنگين ڀڃڪڙين جي انگ ۾ رڪارڊ سطح تائين واڌ ٿي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي سفير عثمان جدون ”ٻار ۽ هٿياربند تڪرار“ جي موضوع تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جديد جنگي ٽيڪنالاجي، خاص ڪري بنا پائليٽ ڊرونز ۽ مصنوعي ذهانت سان ليس هٿيار جنگ جي نوعيت کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهنس بب ٻارن وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ ٻارن خلاف 12 هزار کان وڌيڪ سنگين ڀڃڪڙين کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهڙن واقعن جي ذميوار ڌرين جو احتساب يقيني بڻائڻ گهرجي. پاڪستان نمائندي چيو ته هٿياربند تڪرار ۽ پرڏيهي قبضي کان متاثر ٻارن جي ڏکيائين جي خاتمي لاءِ تڪرارن جي بنيادي سببن جو حل، احتياطي سفارتڪاري، پرامن ذريعن سان تڪرارن جي خاتمي ۽ عالمي قانون تي اثرائتي عملدارآمد ضروري آهي. هن ٻارن جي تحفظ لاءِ موثر نگراني، ڀڃڪڙين تي سزائن کان ڇوٽ جي خاتمي، اسڪولن ۽ اسپتالن تي حملن ۽ عسڪري استعمال کان محفوظ رکڻ، محفوظ تعليمي نظام کي هٿي ڏيڻ ۽ انساني امداد جي بنيا رڪاوٽ فراهمي تي پڻ زور ڀريو.











