گڏيل قومون – 27 جون (اي پي پي) سعودي عرب سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ويڙهه سٽيل علائقن ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن. پرڏيهي خابرو اداري گڏيل قومن ۾ سعودي عرب جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر عبدالعزيز الواصل سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هٿياربند تڪرار ۾ ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ سمورين ڌرين جي ذميواري آهي. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جو موضوع …
ويڙهه سٽيل علائقن ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن، سعودي عرب جو سلامتي ڪائونسل کان مطالبو

مزید خبریں
گڏيل قومون – 27 جون (اي پي پي) سعودي عرب سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ويڙهه سٽيل علائقن ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن. پرڏيهي خابرو اداري گڏيل قومن ۾ سعودي عرب جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر عبدالعزيز الواصل سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هٿياربند تڪرار ۾ ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ سمورين ڌرين جي ذميواري آهي. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جو موضوع هٿياربند تڪرارن ۾ ٻارن جو تحفظ هو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عبدالعزيز الواصل وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سڄي دنيا ۾، خاص طور تي تڪرارن سبب متاثر هنڌن ۽ علائقن ۾ بارن ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ مسلسل انساني ۽ امدادي سرگرمين جي حمايت ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ امداد ۽ انساني خدمتن بابت شاهه سلمان مرڪز 90 کان وڌيڪ ملڪن ۾ تڪرارن ۽ قدرتي آفتن سبب متاثر ماڻهن کي امداد فراهم ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر الواصل واضح ڪيو ته غزه جي پٽي ۾ جاري صورتحال عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قدرن جي کليل ڀڃڪري آهي. هن ان حوالي سان عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ان انساني الميي کي روڪڻ، ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ سنگين ڀڃڪڙين جي ذميوارن جو احتساب ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي. هن ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ته سعودي عرب ٻارن جي تحفظ ۽ تڪرارن سبب متاثر قومن لاءِ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي مخلصاڻين ڪوششن جي حمايت به جاري رکندو.











