واشنگٽن – 27 جون (اي پي پي) لبنان، اسرائيل ۽ آمريڪا هڪ ٽه ڌري فريم ورڪ (بنيادي ڍانچي جي) معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو مقصد وچ اوڀر جي انهن ٻن پراڻن مخالفن وچ امن معاهدي جي رستو هموار ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحيحين جي تقريب جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو چيو ته اسانکي لبنان جي خودمختيار حڪومت ۽ يقيني طور اسرائيل جي حڪومت وچ …
اسرائيل ۽ لبنان واشنگٽن ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
واشنگٽن – 27 جون (اي پي پي) لبنان، اسرائيل ۽ آمريڪا هڪ ٽه ڌري فريم ورڪ (بنيادي ڍانچي جي) معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو مقصد وچ اوڀر جي انهن ٻن پراڻن مخالفن وچ امن معاهدي جي رستو هموار ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحيحين جي تقريب جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو چيو ته اسانکي لبنان جي خودمختيار حڪومت ۽ يقيني طور اسرائيل جي حڪومت وچ ۾، آمريڪا جي ٽياڪڙي ۽ سهڪار سان هڪ فريم ورڪ معاهدي جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته اهو معاهدو پائيدار امن ۽ سلامتي لاءِ هڪ فريم ورڪ لاڳو ڪرڻ جي شروعات آهي. واضح رهي ته ان معاهدي جي تفصيل جو اعلان ناهي ڪيو ويو.











