گڏيل قومون – 27 جون (اي پي پي) غزه ۾ گڏيل قومن جي سينيئر هيومينٽيرين ۽ ري ڪنسٽرڪشن ڪوآرڊينيٽر سيگريڊڪاغ چيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ شهري هڪ جاگرافيائي علائقي ۾ گهراءُ جو شڪار آهن جيڪو مسلسل گهٽجي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن وڌيڪ چيو ته ڪير به غزه ۾ ٺوس اڳڀرائي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. هن غزه جي پٽي لاءِ انساني امداد کي …
غزه لاءِ انساني امداد کي سياسي اڳڀرائي سان ڳنڍڻ کي رد ڪريون ٿا: گڏيل قومن جو عهديدار

مزید خبریں
گڏيل قومون – 27 جون (اي پي پي) غزه ۾ گڏيل قومن جي سينيئر هيومينٽيرين ۽ ري ڪنسٽرڪشن ڪوآرڊينيٽر سيگريڊڪاغ چيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ شهري هڪ جاگرافيائي علائقي ۾ گهراءُ جو شڪار آهن جيڪو مسلسل گهٽجي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن وڌيڪ چيو ته ڪير به غزه ۾ ٺوس اڳڀرائي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. هن غزه جي پٽي لاءِ انساني امداد کي سياسي اڳڀرائي سان ڳنڍڻ کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسان فلسطيني نيشنل ڪميٽي لاءِ سياسي ۽ مالي سهڪار جي حمايت ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فلسطيني نيشنل ڪميٽي قانوني حيثيت ۽ ساک جي لحاظ سان سنگ بنياد آهي.











