رياض-27 جون (اي پي پي) نار تعاون ڪائوسنل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي عمان طرفان گڏيل قومن جي تنظيم انٽر نيشنل ميري ٽائيم آرگنائزيشن (آءِ ايم او) جي تعاون سان آبناءِ هرمز ۾ ڦاٿل سامونڊي جهازن جي عملي جي 11 هزار کان وڌيڪ عملدارن جي واپسي جي منصوبي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جي سي سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان …
جي سي سي پاران آبناءِ هرمز ۾ ڦاٿل سامونڊي جهازن جي عملي جي نيڪال واري عماني منصوبي جي آجيان

مزید خبریں
رياض-27 جون (اي پي پي) نار تعاون ڪائوسنل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي عمان طرفان گڏيل قومن جي تنظيم انٽر نيشنل ميري ٽائيم آرگنائزيشن (آءِ ايم او) جي تعاون سان آبناءِ هرمز ۾ ڦاٿل سامونڊي جهازن جي عملي جي 11 هزار کان وڌيڪ عملدارن جي واپسي جي منصوبي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جي سي سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان منصوبي تحت جهازن کي هڪ عارضي سامونڊي راهداري استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويندو ته جيئن سامونڊي جهازن جي عملي جي ميمبرن جي محفوظ واپسي يقيني بڻائي سگهجي. جاسم محمد البديوي چيو ته اهو قدم عالمي قانون ۽ سامونڊي قانون مطابق آهي، جنهن سبب آبنائي هرمز ۾ مڪمل آزادي سان بناڪنهن شرط جي، جهاز راني کي هٿي ملندي. هن عمان جي ان قدم کي ساراهيندي چيو ته اها علائقائي سلامتي ۽ استحڪام، سامونڊي تحفظ ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ سان عالمي قانون جي اصولن کي مضبوط بنائڻ لاءِ سلطنت عمان جي دانشمنداڻي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو.











