ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران سريلنڪا ۾ صاف توانائي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 57.4 ملين ڊالر جي مالي مدد جي منظوري

ڪولمبو-27 جون (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) سريلنڪا ۾ سستي ۽ صاف توانائي تائين رسائي وڌائڻ ۽ گرين هائوس گيسز جي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ 57.4 ملين ڊالر جي مالياتي پيڪيج  جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي ڊي بي مان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها مالي مدد ڇتن تي نصب شمسي توانائي جي نظام ۽ ورچوئل نيٽ ميٽرنگ کي هٿي ڏيڻ …

ڪولمبو-27 جون (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) سريلنڪا ۾ سستي ۽ صاف توانائي تائين رسائي وڌائڻ ۽ گرين هائوس گيسز جي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ 57.4 ملين ڊالر جي مالياتي پيڪيج  جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي ڊي بي مان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها مالي مدد ڇتن تي نصب شمسي توانائي جي نظام ۽ ورچوئل نيٽ ميٽرنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي، جنهن تحت صارفين پنهنجي عمارتن تي سولر پينل لڳائڻ کان سواءِ شمسي توانائي مان فائدو کڻي سگهندا. مالياتي پيڪج ۾ 35 ملين ڊالر جي رعايتي قرض، يورپي يونين طرفان 16.9 ملين ڊالر جي گرانٽ ۽ جاپان فنڊ فار جوائنٽ ڪريڊٽنگ ميڪانزم طرفان 5.5 ملين ڊالر جي گرانٽ شامل آهي. عملدرآمد ڪرڻ وارن ادارن جي شراڪت کانپوءِ منصوبي جي مجموعي لاڳت اٽڪل 80.5 ملين ڊالر تائين پهچي ويندي.

مزید خبریں