پشاور- 27 جون(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي بلوچستان جي علائقن خاران ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 8 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنرجي پبلڪ رليشنز آفيس طرفان جاري بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هندوستان جي سرپرستي رکندڙ فتنه الخوارج جهڙن اسلام ۽ ملڪ دشمن عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشنز دوران 8 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين

مزید خبریں
پشاور- 27 جون(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي بلوچستان جي علائقن خاران ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 8 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنرجي پبلڪ رليشنز آفيس طرفان جاري بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هندوستان جي سرپرستي رکندڙ فتنه الخوارج جهڙن اسلام ۽ ملڪ دشمن عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون فوري ۽ اثرائتيون ڪارروائيون تعريف جوڳيون آهن. هن انهن ڪارروائين تي بلوچستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جا سبب آهن. گورنر چيو ته پاڪستان جي امن کي خراب ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروائيون قومي عزم جي عڪاس آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين اهڙيون ڪارروائيون جاري رهنديون.











