لاڙڪاڻو-27 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو پاڪ فوج، رينجرز، پوليس کاتي، سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرز، ضلعي صحت آفيسرن، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل، پي پي ايڇ آءِ ، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ميونسپل اسٽاف، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ۽ سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز 1122 جو شڪريو ادا ڪيو. ريسڪيو 1122 لاڙڪاڻو اسٽيشن امن ڪميٽي لاڙڪاڻو جي سڀني ميمبرن، ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس لاڙڪاڻو ۽ …
ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سمورن لاڳاپيل آفيسرن جو محرم الحرام 1448 جي پرامن مڪمل ٿيڻ تي شڪريو ادا

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-27 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو پاڪ فوج، رينجرز، پوليس کاتي، سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرز، ضلعي صحت آفيسرن، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل، پي پي ايڇ آءِ ، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ميونسپل اسٽاف، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ۽ سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز 1122 جو شڪريو ادا ڪيو. ريسڪيو 1122 لاڙڪاڻو اسٽيشن امن ڪميٽي لاڙڪاڻو جي سڀني ميمبرن، ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس لاڙڪاڻو ۽ سڀني لائن ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن جو محرم الحرام 1448 جي پرامن مڪمل ٿيڻ بابت شڪريو ادا ڪيو آهي.ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو مناسب حفاظتي انتظامات، طبي امداد، ميڊيڪل ڪيمپس، دوائن جي فراهمي، ايمبولينس جي فراهمي، صفائي، لائٽنگ، ايمرجنسي سروسز، اسڪائوٽس وغيره بابت سڀني کاتن جي ڪوششن کي ساراهيو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته هن اهم ترين موقعي کي بنا ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي پرامن طريقي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ سڀني کاتن هڪ ئي پليٽ فارم تي ڪم ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر سڀني امن ڪميٽي جي اراڪين، علماءِ ڪرام ۽ مجالس و جلوس جي منتظمين جو محرم جي تقريبن جي انتظام ۾ تعاون ڪرڻ ۽ نظم و ضبط تي عمل ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.











