لاڙڪاڻو-26 جون (اي پي پي) پ پ اڳواڻ جميل احمد سومرو چيو آهي ته لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ ۾ مذهبي هم آهنگي تمام گهڻي آهي،هر سال 9 محرم تي لاڙڪاڻي جي ڌرم شالا ۾ هندو برادري طرفان نذر (نياز) جو بندوبست مذهبي هم آهنگي جو ثبوت آهي. ھن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ مختلف مذهبن ۽ فقهن جا ماڻهو هتي هڪ ٻئي جا تهوار ملهايندا آهن، جيڪو ڀليڪار وارو قدم آهي. …
ايم پي اي جميل سومرو پاران لاڙڪاڻي ۾ يوم عاشور جي مرڪزي جلوس جي انتظامن جو جائزو
لاڙڪاڻو-26 جون (اي پي پي) پ پ اڳواڻ جميل احمد سومرو چيو آهي ته لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ ۾ مذهبي هم آهنگي تمام گهڻي آهي،هر سال 9 محرم تي لاڙڪاڻي جي ڌرم شالا ۾ هندو برادري طرفان نذر (نياز) جو بندوبست مذهبي هم آهنگي جو ثبوت آهي. ھن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ مختلف مذهبن ۽ فقهن جا ماڻهو هتي هڪ ٻئي جا تهوار ملهايندا آهن، جيڪو ڀليڪار وارو قدم آهي. لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميا فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن. ھن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ مون سميت ضلعي آفيسر هر امام بارگاه جو مسلسل دورو ڪري رهيا آهن، لاڙڪاڻي ۾ مرڪزي جلوس امام بارگاه جاڙل شاھ مان نڪرندو آهي، جنهن ۾ ننڍا وڏا سڀ جلوس شامل ٿيندا آهن، لاڙڪاڻي ۾ هر سال امام بارگاه جاڙل شاھ مان نڪرندڙ مرڪزي جلوس جي موقعي تي دعا ۾ پاڻ شريڪ ٿيندو آهيان،لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٽائون چيئرمينن سميت بلدياتي ادارن طرفان روشني، پاڻي ۽ صفائي جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته سڀني امام بارگاهن جي منتظمين طرفان ضلعي آفيسرن ۽ بلدياتي ادارن پاران ڪيل انتظامن جي ساراهه ڪئي پئي وڃي. ڪربلا جو واقعو صبر ۽ استقامت جو سبق ڏئي ٿو، اسان سڀني تي فرض آهي ته امام حسين جي رستي تي هلون. ايم پي اي جميل سومرو امام بارگاه جاڙل شاھ مان مرڪزي جلوس جي شروعات جي موقعي تي ٿيندڙ اجتماعي دعا ۾ به شرڪت ڪئي.لاڙڪاڻي ۾ جميل سومرو سان گڏ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ بلدياتي نمائندن سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪن پڻ موجود هئا.











