ٽوڪيو-26 جون (اي پي پي) جاپان جي صوبي ايباراڪي ۾ 5.8 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جا لوڏا گاديءَ واري هنڌ ٽوڪيو سميت ويجهن علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلو مقامي وقت موجب خميس تي آيو، جنهن کانپوءِ شهرين ۾ خوف هراس پکڙجي ويو. شروعاتي رپورٽن موجب فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع نه مليو. عملدار صورتحال جو …
جاپان ۾ 5.8 جي شدت جو زلزلو
ٽوڪيو-26 جون (اي پي پي) جاپان جي صوبي ايباراڪي ۾ 5.8 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جا لوڏا گاديءَ واري هنڌ ٽوڪيو سميت ويجهن علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلو مقامي وقت موجب خميس تي آيو، جنهن کانپوءِ شهرين ۾ خوف هراس پکڙجي ويو. شروعاتي رپورٽن موجب فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع نه مليو. عملدار صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن جڏهن ته امڪاني آفٽر شاڪس کي نظر ۾ رکندي شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.












