مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران نوجوانن ۽ ٻارن لاءِ منعقد ڪيل ٻن هفتن واري سَمر ڪيمپ پڄاڻي تي پھتي

حيدرآباد- 24 جون (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران نوجوانن ۽ ٻارن لاءِ منعقد ڪيل ٻن هفتن واري سَمر ڪيمپ پڄاڻي تي پھتي، ڪئمپ ۾  ڪلاس ڇھين کان ٻارھين ڪلاس جي 25 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائنس، رياضي، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ جا بنيادي تصور پڙھايا ۽ سمجھايا ويا. جڏھن ته ڪاروبار، ھنر ۽ راندين مان ننڍا ڪاروبار ڪرڻ، روبوٽڪ،  گيمز، جم، پوڊڪاسٽ وغيره جي تربيت ۽ …

حيدرآباد- 24 جون (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران نوجوانن ۽ ٻارن لاءِ منعقد ڪيل ٻن هفتن واري سَمر ڪيمپ پڄاڻي تي پھتي، ڪئمپ ۾  ڪلاس ڇھين کان ٻارھين ڪلاس جي 25 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائنس، رياضي، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ جا بنيادي تصور پڙھايا ۽ سمجھايا ويا. جڏھن ته ڪاروبار، ھنر ۽ راندين مان ننڍا ڪاروبار ڪرڻ، روبوٽڪ،  گيمز، جم، پوڊڪاسٽ وغيره جي تربيت ۽ سکيا ڏني وئي. پڄاڻي واري تقريب ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، آرڪيٽيڪچر ۽ سول انجنيئرنگ فئڪلٽي جي ڊين  پروفيسر ڊاڪٽر رضوان علي ميمڻ ڪئمپ جي ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورھايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو چيو ته ھي ڪئمپ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي جو خواب ھو جيڪو پورو ٿيو آھي. وائيس چانسلر ھميشه چيو آھي ته يونيورسٽي کي پنھنجي ڀرپاسي ۽ نوجوان نسل لاءِ رھنمائي وارو ۽ مسئلن مان ڪڍڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي جي ھي سمر ڪيمپ مستقبل ۾ وڌيڪ مدي جي ھوندي جيڪي شاگرد رھجي ويندا آهن، انھن کي به شامل ڪيو ويندو. پروفيسر ڊاڪٽر رضوان علي ميمڻ چيو ته ھي دور مھارت جو دور آھي پيشوراڻين صلاحيتن ۽ ھنر جو دور آھي صرف ڊگري جي بنياد تي روزگار ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ وارو زمانو پورو ٿيو. پنھنجي وڊيو پيغام ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي ڊين ۽ ناليواري پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري چيو ته ننڍي عمر ۾ شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي، رياضي ۽ انجنيئرنگ جا سبجيڪٽ پڙھائڻ سان انھن جي قابليت ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو، تخليقي صلاحيتن ۽ سوچڻ جو انداز بھتر ٿيندو. ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر شيراز ميمڻ چيو ته ھن ڪئمپ ۾ حصو وٺندڙ نوجوان اسان جو مستقبل آھن انھن جي تربيت سان اسان کي ذميوار شھري ۽ تعليم يافتہ مستقبل ملندو. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ڪئمپ ۾ شرڪت ڪندڙ خوشنصيب آھن. انھن کي اعلي تعليم يافته ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي ماھرن ۽ استادن پڙھايو ۽ سکيا ڏني آھي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر اورڪ پروفيسر ڊاڪٽر شيراز ميمڻ، آئي اي سي جي مئنيجر انجنيئر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر سڪندر عالماڻي ۽ مئنيجر ميوٽ المنائي انجنيئر سلمان معظم عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مزید خبریں