اسپيس ايڪس نئون اسٽار فال خلائي مشن لانچ ڪري ڇڏيو

واشنگٽن- 24 جون (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس اسٽار فال ڊيمو مشن ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان گڏ هڪ نئين بنا عملي جي ري انٽري خلائي جهاز جو پهريون تجرباتي مشن به انجام ڏنو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب مشن کي آمريڪي رياست فلوريڊا جي ڪيپ ڪينورل اسپيس فورس اسٽيشن مان اڱاري ڏينهن مقامي وقت موجب صبح 6 لڳي 53 منٽن تي فالڪن 9 راڪٽ …

واشنگٽن- 24 جون (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس اسٽار فال ڊيمو مشن ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان گڏ هڪ نئين بنا عملي جي ري انٽري خلائي جهاز جو پهريون تجرباتي مشن به انجام ڏنو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب مشن کي آمريڪي رياست فلوريڊا جي ڪيپ ڪينورل اسپيس فورس اسٽيشن مان اڱاري ڏينهن مقامي وقت موجب صبح 6 لڳي 53 منٽن تي فالڪن 9 راڪٽ ذريعي خلا ۾ موڪليو ويو. اسپيس ايڪس تصديق ڪئي ته اسٽار فال خلائي گاڏي کي ڪاميابي سان زمين جي هيٺين مدار ۾ پهچايو ويو آهي. ان مشن جو مقصد هڪ اهڙي نئين خلائي گاڏي جو مظاهرو ڪرڻ آهي جيڪا سائنسي تحقيق ۽ خلا ۾ صنعتي پيداوار لاءِ ڪشش ثقل جي ماحول تائين گهٽ لاڳت ۽ باقاعده پهچ ممڪن بڻائيدي. منصوبابندي تحت خلائي گاڏي ڪنٽرولڊ اڏام جو مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ ماٺي سمنڊ ۾ لهندي. آمريڪي فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽرشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب ان مشن جو مقصد خلا ذريعي اهم سامان جي تيز رفتار ترسيل جي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ ۽ خلا ۾ واپاري پيداوار لاءِ هڪ پائيدار مارڪيٽ جو بنياد رکڻ آهي، جتي گهٽ ڪشش ثقل ۽ خلا جي ماحول سبب صنعتي سائنسي مقصدن لاءِ فائدو کڻي سگهجي.

مزید خبریں