لاڙڪاڻو- 24 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر رشيد مسعود خان، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي سفارش تي رائيس ڪئنال ۾ ماڻهن جي وهنجڻ تي پابندي هڻندي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رائيس ڪئنال ۾ ماڻهن جي وهنجڻ دوران ٻڏڻ جا واقعا وڌڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جي حدن مان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۽ ان سان لاڳاپيل واهن ۾ وهنجڻ تي 90 ڏينهن لاءِ پابندي هوندي. …
ضلعي انتظاميا لاڙڪاڻو پاران رائيس ڪئنال ۾ ماڻهن جي وهنجڻ تي پابندي هڻندي قلم 144 لاڳو، نوٽيفيڪيشن جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 24 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر رشيد مسعود خان، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي سفارش تي رائيس ڪئنال ۾ ماڻهن جي وهنجڻ تي پابندي هڻندي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رائيس ڪئنال ۾ ماڻهن جي وهنجڻ دوران ٻڏڻ جا واقعا وڌڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جي حدن مان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۽ ان سان لاڳاپيل واهن ۾ وهنجڻ تي 90 ڏينهن لاءِ پابندي هوندي. ان ڏس ۾ سمورين حدن جي ايس ايڇ اوز کي قلم 144 جي قانون تي سختي سان عمل ڪندي ڪنهن به لکت واري شڪايت تي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته لاڙڪاڻي ڊويزن مان گذرندڙ ڪئنال ۽ شاخن جي ڪنارن تي وهنجڻ تي پابنديءَ جي وارننگ جا بورڊ لڳايا وڃن.











