پشاور- 24 جون (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لوئر دير ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لوئر دير ۾ سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ 6 گهربل خوارجين کي مارڻ تي اعليٰ عملدارن ۽ اهلڪارن جي ڪردار جي ساراهه ڪئي هن چيو ته …
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران لوئر دير ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
پشاور- 24 جون (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لوئر دير ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لوئر دير ۾ سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ 6 گهربل خوارجين کي مارڻ تي اعليٰ عملدارن ۽ اهلڪارن جي ڪردار جي ساراهه ڪئي هن چيو ته سي ٽي ڊي ۽ پوليس ڀارت جي پشت پناهي رکندڙ انسانيت دشمنن کي ماري نه رڳو پيشيوراڻي مهارت ۾ نالو روشن ڪيو پر صوبي ۾ بدامني جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته صوبي جي عوام سي ٽي ڊي ۽ پوليس تي فخر ڪري ٿي.











