تهران- 23 جون (اي پي پي) 2 ملين بيرل کان ڪجهه گهٽ ڪچو تيل کڻي ويندڙ 2 ٽينڪر آبناءِ هرمز تان گذريا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آبي ٽريفڪ جي رواني هاڻي بهتر ٿي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا ڪيپلر جي تجزيي ۽ ٻي ڊيٽا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ان کانسواءِ 2 سپر ٽينڪر جيڪي وڌ کان وڌ چار ملين بيرل ڪچو تيل کڻي سگهن ٿا، گذريل …
آبناءِ هرمز تان آئل ٽينڪرز جي اچ وڃ جاري
تهران- 23 جون (اي پي پي) 2 ملين بيرل کان ڪجهه گهٽ ڪچو تيل کڻي ويندڙ 2 ٽينڪر آبناءِ هرمز تان گذريا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آبي ٽريفڪ جي رواني هاڻي بهتر ٿي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا ڪيپلر جي تجزيي ۽ ٻي ڊيٽا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ان کانسواءِ 2 سپر ٽينڪر جيڪي وڌ کان وڌ چار ملين بيرل ڪچو تيل کڻي سگهن ٿا، گذريل ڏينهن آبناءِ هرمز ذريعي نار طرف روانا ٿيا، جنهن ۾ هڪ جهاز، عراقي بندگاهه بصره کي پنهنجي منزل ظاهر ڪيو.










