ٿرپارڪر جي مختلف شهرن ۾ ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي، ونگ ڪمانڊر پاڪ رينجرز جي اڳواڻي ۾ رينجرز ۽  پوليس جو گڏيل فليگ مارچ، محرم الحرام ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو

مٺي- 23 جون (اي پي پي) محرم الحرام جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي، ايس ايس پي ٿرپارڪر عارف عزيز، ونگ ڪمانڊر پاڪ رينجرز  ليفٽيننٽ ڪرنل خرم سليم جي اڳواڻي ۾ گڏيل فيلگ مارچ ڪيو ويو، ان موقعي تي  ٿرپارڪر جي شهر مٺي، ڏيپلو، ڳوٺ ويڙيجهپ سميت مختلف علائقن جو گشت ڪري امن امان، سڪيورٽي، صفائي سٿرائي سميت سمورن انتظامن جو جائزو ورتو ويو، انهي موقعي تي ڊپٽي …

مٺي- 23 جون (اي پي پي) محرم الحرام جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي، ايس ايس پي ٿرپارڪر عارف عزيز، ونگ ڪمانڊر پاڪ رينجرز  ليفٽيننٽ ڪرنل خرم سليم جي اڳواڻي ۾ گڏيل فيلگ مارچ ڪيو ويو، ان موقعي تي  ٿرپارڪر جي شهر مٺي، ڏيپلو، ڳوٺ ويڙيجهپ سميت مختلف علائقن جو گشت ڪري امن امان، سڪيورٽي، صفائي سٿرائي سميت سمورن انتظامن جو جائزو ورتو ويو، انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي چيو ته ٿرپارڪر پرامن علائقو آهي، هتي هر ماڻهو هڪ ٻئي جي مذهب جو احترام ڪري ٿو، هڪ ٻئي جي ڏک ۽  سک ۾ برابر جا شريڪ آهن، هن چيو ته امن امان جي حوالي سان ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. محرم الحرام جي دوران امن امان کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي فليگ مارچ دوران امام بارگاهن جي سڪيورٽي، صفائي سٿرائي سميت پاڻي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ عملدارن کي هدايتون ڏنيون ويون.

مزید خبریں