حيدرآباد- 23 جون (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ لطيف آباد نمبر 8 ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ لطيف آباد نمبر 8، سجاديه امام بارگاهه واري گهٽيءَ ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري پوليس ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا، جنهن تي پوليس ۽ رينجرز جي نفري وقت سر موقعي تي پهچي صورتحال کي مڪمل طور تي …
ايس ايس پي حيدرآباد جو لطيف آباد نمبر 8 ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس، پوليس ۽ رينجرز جي نفري وقت سر موقعي تي پهچي صورتحال تي مڪمل طور ڪنٽرول ڪري ورتو

مزید خبریں
حيدرآباد- 23 جون (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ لطيف آباد نمبر 8 ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ لطيف آباد نمبر 8، سجاديه امام بارگاهه واري گهٽيءَ ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري پوليس ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا، جنهن تي پوليس ۽ رينجرز جي نفري وقت سر موقعي تي پهچي صورتحال کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪري ورتو. شروعاتي جاچ موجب واقعو هڪ ئي خاندان جي ماڻهن وچ ۾ جاري ذاتي ۽ خانداني تڪرار جو نتيجو آهي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي پٿراءُ ڪيو ويو. اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري موقعي تي پهچي حالتن کي ضابطي ۾ آندو ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکيو. پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ٻنهي ڌرين جي ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويو آهي. حيدرآباد پوليس موجب ڪجهه عنصرن پاران ان خانداني تڪرار کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جاچ مان واضح ٿيو آهي ته ٻئي ڌريون مقامي رهواسي ۽ پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن ۽ واقعي جو ڪنهن به مذهبي يا فرقيوراڻي معاملي سان ڪو به تعلق ناهي. حيدرآباد پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اَفواهن ۽ غير تصديق ٿيل خبرن تي ڌيان نه ڏين ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي صرف تصديق ٿيل ذريعن کان حاصل ڪيل ڄاڻ تي ڀروسو ڪن. حيدرآباد امن، رواداري، محبت ۽ ڀائيچاري جو شهر آهي ۽ پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي پئي اچي.










