روس يوڪرين تڪرار: پاڪستان پاران فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين جي عمل جي بحالي جو مطالبو

گڏيل قومون- 23 جون (اي پي پي) پاڪستان، روس - يوڪرين تڪرار جي خاتمي لاءِ فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين جي عمل جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن طرفان جاري پريس ريليز مطابق يوڪرين جي معاملي تي سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي ۽ سفير عثمان جدون افسوس جو اظهار ڪيو ته يوڪرين جنگ جي خاتمي …

گڏيل قومون- 23 جون (اي پي پي) پاڪستان، روس – يوڪرين تڪرار جي خاتمي لاءِ فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين جي عمل جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن طرفان جاري پريس ريليز مطابق يوڪرين جي معاملي تي سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي ۽ سفير عثمان جدون افسوس جو اظهار ڪيو ته يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ هاڪاري اڳڀرائي ناهي ٿي رهي، جنهن سبب تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهيو آهي. پريس رليز مطابق پاڪستاني سفير روشني وڌي ته جنگ سبب عام شهرين ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچي رهيو آهي. بيان مطابق يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي ۽ تعميري سفارتڪاري تي زور ڏنو. پريس رليز مطابق پاڪستان، يوڪرين تڪرار جي پرامن حل جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ هر ان ڪوشش جي حمايت ڪري ٿو، جيڪا گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ سمورين ڌرين جي جائز قومي سلامتي جي مفاد کي نظر ۾ رکي.