آءِ اي اي اي سان سهڪار پهرين کان طئي ٿيل فريم ورڪ مطابق جاري آهي: ايران

تهران- 23 جون (اي پي پي) ايراني پرڏيهي وزير اعلان  ڪيو آهي ته ملڪ جو عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان ڪو به معاملو خاص طور تي ايراني پارليامنٽ جي منظوري ۽ قومي سلامتي جي اعليٰ ڪائونسل جي فيصلن جو پابند هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي اهو به واضع ڪيو ته تهران گذريل آچر تي سوئٽزرلينڊ جي ڳالهين ۾ ايٽمي معاملي تي بحث ناهي ڪيو …

تهران- 23 جون (اي پي پي) ايراني پرڏيهي وزير اعلان  ڪيو آهي ته ملڪ جو عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان ڪو به معاملو خاص طور تي ايراني پارليامنٽ جي منظوري ۽ قومي سلامتي جي اعليٰ ڪائونسل جي فيصلن جو پابند هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي اهو به واضع ڪيو ته تهران گذريل آچر تي سوئٽزرلينڊ جي ڳالهين ۾ ايٽمي معاملي تي بحث ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري ڪا نئين پابندي قبول ڪئي آهي. اسماعيل بقائي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”اسلام آباد مفاهمت“ تحت ايران طرفان پنهنجي ذميوارين تي عمل درآمد ٻي ڌر جي جنگ جي خاتمي، ايراني تيل جي آمدني واپار جي تسلسل ۽ منجمد اثاثن ۽ فنڊن جي آزادي بابت پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ سان لاڳاپيل رهندو.