واشنگٽن- 23 جون (اي پي پي) آمريڪا جو پرڏيهي وزير مارڪو روبيو هلندڙ هفتي گڏيل عرب امارتن، ڪويت ۽ بحرين جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير اڱاري کان خميس تائين ڄاڻايل ملڪن جو دورو ڪند، جنهن سان ٽرمپ انتظاميه کي موقعو ملندو ته هو ايران سان پنهنجي شروعاتي معاهدي جي حوالي سان سڌي ريت پنهنجي نار عرب اتحادين سان ڳالهيون ڪري سگهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان …
آمريڪي پرڏيهي وزير اڱاري کان گڏيل عرب امارتن، ڪويت ۽ بحرين جو دورو ڪندو

مزید خبریں
واشنگٽن- 23 جون (اي پي پي) آمريڪا جو پرڏيهي وزير مارڪو روبيو هلندڙ هفتي گڏيل عرب امارتن، ڪويت ۽ بحرين جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير اڱاري کان خميس تائين ڄاڻايل ملڪن جو دورو ڪند، جنهن سان ٽرمپ انتظاميه کي موقعو ملندو ته هو ايران سان پنهنجي شروعاتي معاهدي جي حوالي سان سڌي ريت پنهنجي نار عرب اتحادين سان ڳالهيون ڪري سگهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽومي پيگوٽ موجب مارڪو روبيو بحرين ۾ نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي نمائندن سان به ملاقات ڪندو. نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ڪويت، بحرين، عمان ۽ قطر شامل آهن.











